نياڻين جي هراسمينٽ واقعن خلاف ڪراچي ۾ احتجاج

ڪراچي(ذوالفقار راڄپر) ميرپورخاص جي خانگي محمدي ميڊيڪل ڪاليج  ۾ مبينا طور ھراسمينٽ جو شڪار شاگردياڻي فهميده لغاري جي واقعي خلاف ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن جي اڳواڻي مرحومه جي ماءُ، ڀيڻ ۽ ٻين ڪئي، احتجاج ۾ سنڌياڻي تحريڪ، ايس يو پي اڳواڻن سميت سول سوسائٽي، انساني حقن جي مرد عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، جڏهن ته احتجاجي مظاهري ۾ پي ٽي آءِ عورت ونگ جي عورتن به شرڪت جو اعلان ڪيو، ان ڪري پوليس طرفان سخت ناڪابندي ۽ عورت اڳواڻن جي گرفتاري سبب پي ٽي آئي جي عورتون شريڪ نه ٿي سگهيون، ڪراچي پريس ڪلب اڳيان شاگردياڻي فهميده جي امڙ، والد، ڀيڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪري نعريبازي ڪئي وئي، مظاھري ۾  ايس يو پي اڳواڻ جڳديش آهوجا، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ادي سڀاني ڏاھري، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ خالد تنيو، سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ايڊووڪيٽ ڪونج لاشاري، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ڪائنات ڏاھري، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ نويد عباس ڪلهوڙو، ايڊووڪيٽ راءِ چند، سنڌي مزدور تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ عبدالجبار پليجو، راجا مھيشوري، امجد سرگاڻي، ايڊووڪيٽ زاھد کوسو، ادي وديا ديوي، ماروي لاشاري، فضا خاصخيلي، سول سوسائٽي اڳواڻ ۾ وڪيل هما عباسي، ڊاڪٽر جئپال ڇاٻڙيا، واجد لغاري، عورت زوھا علوي، شاگردن شھنشاھ حسين، غلام نبي ٻرڙو، وڪيلن وجاھت حسين، فيض ملاڻو، آغا جليل ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ھن سرداري نظام ۾ عورتن کي ٻٺتي ڌڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، عورت دشمن رويا موجود آھن، سماج اندر رڳو نياڻين جا لاش ملي رھيا آھن، ھتي رڳو فهميده لغاري جو معاملو نه آهي، اھڙا ڪيترائي ڪيس موجود آهن، نمرتا، نوشين ۽ فهميده جا واقعا قتل آھن، تعليمي ادارن ۾ استادن جي روپ ۾ بگھڙ ملن ٿا، نياڻيون ھراسمينٽ جو شڪار ٿين ٿيون، اھڙن بدبودار ڪردارن کي وائکو ڪرڻ جي ضرورت آهي، هنن چيو ته نمرتا ۽ نوشين جو ڪيسن ۾ جوابدارن کي سزا ملي ھا ته اڄ فهميده جو واقعو پيش نه اچي ھا، اھڙا واقعا ھن سماج جي اونداھي جو عڪس آهن، اڪثر نياڻيون ھراسمينٽ جو شڪار ٿين ٿيون پر بدنامي سبب خاموش ٿي وڃن ٿيون، شاگردياڻي جي امڙ ۽ والد ۽ ٻين گهر ڀاتين چيو ته فهميده اسان کي واپس ته نه ملي سگھندي پر معاشري جي ٻين نياڻين جي تحفظ لاءِ جدوجھد ڪنداسين، هنن مطالبو ڪيو ته فهميده لغاري جي واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏياري انصاف فراھم ڪيو وڃي، مظاهري ۾ شامل سمورن اڳواڻن ۽ ڪارڪنن آخر ۾ سنڌ ۾ عورتن جي قتل، خودڪشين خلاف هڪ گڏيل واعدو ڪيو ويو، جيڪي ڇوڪريون ۽ عورتون قتل ڪيون ويون، انهن جي قاتلن کي سزائون ڏيارڻ لاءِ گڏيل ۽ ڀرپور مسلسل آواز اٿاريو ويندو ۽ عورتن خلاف هر قسم جي تشدد، قتل، خوف پيدا ڪري کين بليڪ ميل ڪرڻ ۽ خودڪشين جي اڳواٽ روڪٿام لاءِ قدم کنيا ويندا.

فهميده لغاري جي خودڪشي هڪ وڏو الميو آهي: حليم عادل شيخ

ڪراچي : فهميده لغاري ڪيس ۾ وارثن جي احتجاج دوران پي ٽي آءِ عورت ونگ جي اڳواڻن جي گرفتاري تي پي ٽي آءِ سنڌ جي  صدر حليم عادل شيخ سخت مذمت ڪئي، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته فهميده لغاري جي خودڪشي هڪ وڏو الميو آهي، سنڌ حڪومت فوري طور ذميوارن کي گرفتار ڪري کين ڪيفرِ ڪردار تائين پهچائي، هن چيو ته پرامن احتجاج تي پابندي لڳائڻ ۽ عورتن کي گرفتار ڪرڻ آمريت جو بدترين مثال آهي، ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندڙ عورتن کي گرفتار ڪرڻ انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي، حليم عادل شيخ چيو ته پي ٽي آءِ وومين ونگ جي اڳواڻن حسنا بٽ ۽ حُما جي گرفتاري فسطائيت جي بدترين مثال آهي، سنڌ ۾ جمهوريت جي نالي تي بدترين فسطائيت مسلط ڪئي پئي وڃي، هن وڌيڪ چيو ته عورتن کي انصاف گهرڻ تي گرفتار ڪرڻ شرمناڪ ۽ افسوسناڪ آهي، اسان جون نياڻيون نه تعليمي ادارن ۾ محفوظ آهن ۽ نه ئي کين روڊن تي آواز اٿارڻ جي اجازت آهي،گرفتار ڪيل عورتن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.

قسم کڻو ڪنهن پريشاني ۽ مايوسي ۾ آپگهات نه ڪندئو: فهميده لغاري جي ڀيڻ مظاهرين کان حلف ورتو

ڪراچي: ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ميرپورخاص جي خانگي ڪاليج ۾ استاد ۽ شاگردن جي هراسمينٽ کان پوءِ آپگهات ڪندڙ فهميده لغاري واقعي خلاف احتجاج دوران فهميده لغاري جي ڀيڻ مهڪ لغاري مظاهرين کان حلف ورتو، ه ن چيو ته قسم کڻو ته ڪنهن پريشاني يا مايوسي ۾ آپگهات نه ڪندئو، مون سان گڏ ورجايو ته مان قسم کاوان ٿي ته ڀلي ڪجهه به ٿئي، پريشاني هجي، مايوسي هجي، اکيون ڀرجي اچن، پر مان ظلم جي اڳيان ڪڏهن به نه جهڪنديس، مان واعدو ڪيان ٿي، ڪيان ٿو ته ڪنهن به ڀيڻ تي ظلم ٿيو ته مان خاموش نه رهنديس.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.