آبناءِ هرمز ۾ ڀارتي جهازن تي حملي بعد دهلي ۾ ايراني سفير طلب

نئين دهلي/ تهران (م ڊ) آبناءِ هرمز ۾ ڀارتي تيل بردار ۽ تجارتي جهازن تي ايراني فورسز جي حملي بعد ٻنهي ملڪن وچ ۾ سخت سفارتي ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي آهي. ڀارتي حڪومت نئين دهلي ۾ مقرر ايراني سفير کي طلب ڪري کيس سخت احتجاجي نوٽ حوالي ڪيو آهي. عرب ميڊيا جي رپورٽن موجب، ايران جي پاسدارانِ انقلاب جي گن بوٽس آبناءِ هرمز مان گذرندڙ ڀارتي تيل بردار جهازن کي روڪڻ لاءِ انهن تي فائرنگ ڪئي. ٻڌايو پيو وڃي ته  انهن ٽينڪرن تي 20 لک بيرل عراقي تيل لڏيل هو، جيڪو ڀارت ڏانهن موڪليو پيو وڃي. ايراني فورسز پاران انهن جهازن کي اڳتي وڌڻ کان روڪيو ويو، جنهن تي ڀارتي اختيارين سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.