جنگ بندي اسرائيلي حڪومت لاءِ منهن تي چماٽ برابر

تل ابيب(عوامي آواز نيوز)اسرائيل جي حڪومت جي اندر ڪجهه ذريعن موجب، ڊونلڊ ٽرمپ طرفان جنگبندي جو اعلان اسرائيلي قيادت لاءِ “منهن تي چماٽ” جهڙو محسوس ڪيو ويو آهي۔ٽرمپ جي بيان ۾ چيو ويو ته اسرائيل کي هوائي حملن کي گهٽائڻ گهرجي پر اسرائيلي حڪومت ان کي مڪمل پابندي يا جنگبندي جي حڪم طور نٿي ڏسي ان ڪري اسرائيل پنهنجي عملن لاءِ ڪجهه سياسي “جاءِ  رکڻ چاهي ٿو رپورٽ مطابق اسرائيل جو سياسي حلقو لبنان ۾ خاص ڪري حزب الله کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو ڪجهه سخت بيانن ۾ لبنان جي سرحدي علائقن تي ڪنٽرول يا اثر وڌائڻ جون ڳالهيون  به شامل آهن حڪومت تي اندروني دٻاءُ آهي ته هو عوام کي “سيڪيورٽي حاصل ڪرڻ” جو تاثر ڏي ،سخت فوجي ڪارروائين کي گهريلو سياسي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي ڪجهه ڳوٺن جي تباهي کي به سيڪيورٽي آپريشن طور پيش ڪيو پيو وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.