سنڌ ۾ سرمائيدارن ۽ وڏيرن عوام کي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي:حافظ نعيم

ڪراچي(پ ر)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته 25 اپريل کان ملڪ گير ميمبرشپ مهم شروع ڪئي پئي وڃي. سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهن کي ميمبر بڻايو وڃي ڪجهه ظالم وڏيرا شاهي ۽ سرمائيدارن سنڌ ۾ حڪومت ۽ سياست کي يرغمال ۽  عوام کي  پنهنجو غلام بڻائي ڇڏيو آهي. جماعت اسلامي کي صحت، تعليم ۽ انصاف کان محروم سنڌ جي ماڻهن جي ترجمان بڻجڻ گهرجي. سنڌ جي مظلوم ڌيءَ ام رباب کان وٺي ناظم جوکيو تائين، اهو ظلم ۽ جبر جي نظام جي عملي تصوير آهي. سنڌ جا ماڻهو سالن کان اهڙي طرح زندگي گذاري رهيا آهن، ڪو به انهن جي واھر ڪرڻ وارو ناهي. اسان حق سچ سان گڏ بيٺا اھيون، ظلم ۽ ناانصافي خلاف جدوجهد کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي.سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ ۽ سندس پوري ٽيم جي بدامني سميت سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن تي جدوجهد ساراهه جوڳي آهي. اھڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ زوم تي هڪ ئي وقت منعقد ٿيل ٻن ڏينهن جي ليڊرشپ ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. جنهن ۾ ضلعي،مقامي توڙي تعلقن جي اميرن شرڪت ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته جماعت اسلامي هڪ اهڙي تنظيم آهي جيڪا ماڻهن کي فرقه بندي ۽ نسل پرستي جي بدران هڪ الله ۽ اتحاد ۽ ايڪتا جي طرف سڏي ٿي،  ان کان اڳ مرڪزي اڳواڻ ممتاز سهتو، صوبائي اڳواڻن پروفيسر نظام الدين ميمڻ، حافظ نصرالله چنا، محمد يوسف، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري علامه حزب الله جکرو، الطاف احمد ملاح، امداد الله بجاراڻي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.