ايف پي ايس سي پاران سوين جاين تي نين ڀرتين جواعلان

اسلام آباد (بيورو) فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) سينٽرل سپيرئر سروسز (سي ايس ايس) 2025 لاءِ نين اسامين جو اعلان ڪري ڇڏيو، جن ۾ اوپن ميرٽ، صوبائي، عورتن ۽ اقليتي ڪوٽا شامل آهن، ڀرتيون پوليس، فارن سروس، آفيس مينيجمينٽ سميت ٻين شعبن ۾ ڪيون وينديون، ايف پي ايس سي پاران جاري ڪيل اشتهار موجب سي ايس ايس 2025 لاءِ ڪل 327 اسامين تي ڀرتي ڪئي ويندي، جن مان 191 نيون ۽ 136 گذريل سالن مان منتقل ٿيل اساميون شامل آهن، ڪميشن موجب اوپن ميرٽ لاءِ 169، عورتن لاءِ 35 ۽ اقليتن لاءِ 123 اساميون مخصوص ڪيون ويون، صوبائي ڪوٽا تحت پنجاب لاءِ سڀ کان وڌيڪ 157، خيبرپختونخوا لاءِ 43، سنڌ رورل لاءِ 30، سنڌ اربن لاءِ 28، بلوچستان لاءِ 28، اڳوڻي فاٽا لاءِ 16، آزاد ڪشمير لاءِ 7 ۽ گلگت بلتستان  لاءِ 3 اساميون مقرر ڪيون ويون، ايف پي ايس سي ذريعن موجب سي ايس ايس نتيجن جي اعلان جو امڪان به ويجهو آهي، حتمي مقرري اميدوارن جي ميرٽ، ترجيحن ۽ ڊوميسائل جي بنياد تي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.