لاهور (بيورو) لاهور جي علائقي ستوڪتله مان اغوا ٿيل 19 ورهين جي نينگري کي ڪراچي مان آزاد ڪرائي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن واقعي جو نوٽيس وٺندي جوابدار جي گرفتاري ۽ نينگري جي آزادي جو ٽاسڪ ڏنو، جنهن تي پوليس ٽيم ڪامياب ڪارروائي ڪئي، نينگري جي والد پنهنجي ڌيءَ جي اغوا جو ڪيس لاڳاپيل ٿاڻي ۾ داخل ڪرايو هو، هن چيو هو ته نينگري کي ورغلائي ڪراچي نيو ويو، جديد ٽيڪنالاجي سان جوابدار کي گرفتار ڪري ناري کي آزاد ڪرايو ويو، جوابدار کي سخت سزا ڏيارينداسين.