ايران سان آمريڪا 20 ارب ڊالر جي يورينيم ڊيل تي غور ڪري رهيو آهي:آمريڪي ميـــڊيـا

نيويارڪ(ع آ نيوز) آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ايران سان 20 ارب ڊالر جي يورينيم ڊيل تي غور ڪري رهيو آهي. آمريڪي نيوز ويب سائيٽ ايڪسيوس دعويٰ ڪئي آهي ته منصوبي ۾ هڪ اهم تجويز اها آهي ته آمريڪا ايران کي منجمد 20 ارب ڊالر جي رقم جاري ڪندو ان جي بدلي ۾ ايران افزوده يورينيم جو ذخيرو ڇڏي ڏئي. ويب سائيٽ موجب آمريڪي انتظاميا جي هڪ وڏي ترجيح اها آهي ته ايران پنهنجي زير زمين ايٽمي سهولتن ۾ تقريبن 2,000 ڪلوگرام افزوده يورينيم تائين رسائي حاصل نه ڪري سگهي، خاص طور تي 450 ڪلوگرام يورينيم جيڪو 60 سيڪڙو تائين رجايو ويو آهي. ذريعن موجب، ڳالهين جي شروعاتي مرحلي ۾، آمريڪا ايران کي 6 ارب ڊالر جاري ڪرڻ لاءِ تيار هو ته جيئن ايران کاڌو، دوائون ۽ ٻيون ضروري شيون خريد ڪري سگهي. جڏهن ته،  ايران 27 ارب ڊالر جو مطالبو ڪيو. ذريعن موجب، تازين ڳالهين ۾ 20 ارب ڊالر جي رقم تي غور ڪيو پيو وڃي. هڪ آمريڪي عهديدار چيو ته اها آمريڪي تجويز هئي. آمريڪا مطالبو ڪيو ته ايران پنهنجو سمورو ايٽمي مواد آمريڪا ڏانهن منتقل ڪري، جڏهن ته ايران صرف ان کي پنهنجي ملڪ ۾ ‘گهٽ ۾ گهٽ ملاوٽ’ ڪرڻ تي راضي ٿيو. ايڪسيوس چوي ٿو ته غور هيٺ هڪ تجويز اها آهي ته انتهائي افزوده يورينيم کي ٽئين ملڪ ڏانهن منتقل ڪيو وڃي جڏهن ته باقي يورينيم بين الاقوامي نگراني هيٺ ايران ۾ گهٽ افزوده ڪيو وڃي. ويب سائيٽ جي مطابق، 3 صفحن جي مفاهمت جي ياداشت ۾ هن وقت غور هيٺ ايران پاران ايٽمي افزودگي تي ‘رضاڪارانه’ پابندي پڻ شامل آهي. ويب سائيٽ جو چوڻ آهي ته ڳالهين جي آخري دور ۾، آمريڪا ايران کان ايٽمي افزودگي تي 20 سالن جي پابندي جو مطالبو ڪيو هو، جڏهن ته ايران 5 سالن جي مديجي تجويز پيش ڪئي، ۽ ٽياڪڙ اڃا تائين ان سلسلي ۾ اختلافن کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. مفاهمت جي ياداشت تحت، ايران کي طبي مقصدن لاءِ ايٽمي ريسرچ ري ايڪٽر رکڻ جي اجازت هوندي، پر اهو يقيني بڻائيندو ته ان جون سڀئي ايٽمي سهولتون زمين کان مٿي هونديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.