سنڌ ڪرپشن، غربت، لاقانونيت، منشيات جي گهيري ۾ آهي:اياز پليجو

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته  سنڌ پنهنجي تاريخ جي بدترين ٺڳن جي ور چڙهي وئي آهي سنڌ ڪرپشن، غربت، بدامني، لاقانونيت، منشيات، قبلائيت دھشتگردي،  ۽ بيروزگاري جي گھيري ۾ آھي پيپلزپارٽي سنڌي ماڻھن کان اميد کسي ورتي آهي،هن چيو ته  سنڌ ۾ بادشاھت وارو قانون آهي سنڌ کي گھڻ رخي مسئلن ۾ جڪڙيو ويو آهي ايندڙ وقت سنڌي ماڻهن لاءِ اڃا به وڌيڪ ڏکيو ايندو. پيپلزپارٽي کي سنڌي ماڻهن جي تڪليف جي ڪا به پرواهه نه آهي.هن چيو ته  سنڌي ماڻھن کي ھاڻ پيپلزپارٽي مان جان ڇڏائڻي پوندي. پيپلزپارٽي چاھي ٿي سنڌ جا نوجوان جاھل ھجن، ڏوھاري ٿين، منشيات فروش ٿين، نشا ڪن، برياني جي پليٽ تي ووٽ ڏيڻ جي مشين ٿين. سنڌ جا ماڻھو بيدار نه ھجن. باشعور نه ٿين. اھي جاھل وڏيرڪي، سرداري، جاگيرداري ۽ عوام دشمن سرمائيداري نظام جي غلامي ۾ قيد ھجن. ڪنڌ کڻي ھلي نه سگھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.