شر، سيلرا، ڌنڌو، ڪوش، ڀٽو ۽ سولنگي تڪرار جو اڄ نبيرو ٿيندو

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير) راونتي ڪچي ۾ سالن کان جاري شر، سيلرا، ڌنڌو، ڪوش، ڀٽو ۽ سولنگي قبيلن وچ ۾ خوني تڪرار جي نبيري لاءِ اڄ سکر جي سرڪٽ هائوس ۾ اهم جرڳو ڪوٺايو ويو، هي جرڳو سردار علي گوهر خان مهر ۽ ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي جي  سرپرستي ۾ ٿيندو، جنهن ۾ مختلف برادرين جا چڱا مڙس ۽ اهم اڳواڻ شرڪت ڪندا، ڀٽو برادري طرفان سردار امير بخش ڀٽو، ٻين برادرين مان سردار عابد خان جتوئي، احمد خان سيلرو ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ شريڪ ٿيندا، جرڳي ۾ ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي، خير محمد خان شر، شهريار خان شر ۽ عالمگير خان ڪوش سميت ڪيترائي بااثر شخصيتون به موجود هونديون، جرڳي دوران شهريار شر تي ٿيل حملي ۽ ان حوالي سان سيلرا برادري تي لڳايل الزامن جو به جائزو وٺي فيصلو ڪيو ويندو، ذريعن موجب هن ڊگهي عرصي کان جاري تڪرار ۾ هينئر تائين لڳ ڀڳ 106 ماڻهو قتل ۽ 120 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن، انگن اکرن موجب ڪوش برادري جا 10 قتل ۽ 25 زخمي، سيلرا برادري جا 22 قتل ۽ 31 زخمي ٿي چڪا، سولنگي برادري جا 6 قتل ۽ 3 زخمي، ڌنڌو برادري جا 10 قتل ۽ 10 زخمي، ڀٽو برادري جا 12 قتل ۽ 12 زخمي، جڏهن ته شر برادري جا 40 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ۽ 35 کان وڌيڪ زخمي ٿيل آهن، تڙت برادري جا پڻ 6 قتل ۽ 2 زخمي رپورٽ ڪيا ويا، شر برادري جي نمائندگي ۽ ذميواري سردار خير محمد خان شر حوالي ڪئي وئي، جڏهن ته ايم پي اي مهتاب ڏهر ۽ سردار شهريار شر وچ ۾ جاري تڪرار جو نبيرو هن جرڳي ۾ شامل نه آهي، علائقي واسين اميد ظاهر ڪئي آهي ته هي جرڳو امن امان جي قيام لاءِ اهم قدم ثابت ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.