اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو چيو آهي ته گذريل سال مئي ۾ آپريشن بنيان المرصوص ۾ دشمن پاڪستان جي طاقت ۽ هنرمندي ڏسي دنگ رهجي ويو.
پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي پاڪ فضائيا جي سربراهه چيو ته عالمي سطح تي امن لاءِ سياسي ۽ عسڪري قيادت جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن،عالمي امن لاءِ خاص طور فيلڊ مارشل عاصم منير جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو.
هن چيو ته پاڪستان پرامن ملڪ آهي ۽ تڪرار جي حل لاءِ ڳالهين تي يقين رکي ٿو، معرڪه حق ۽ بنيان المرصوص ۾ پاڪ فوج جي حڪمت عملي سڀني ڏٺي، پاڪ فضائيا نه رڳو دشمن جا جهاز ڪيرايا پر تاريخ لکي ڇڏي، پاڪستان تي ڪنهن به قسم جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو.
You might also like