ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان گڏيل عرب امارتن کي ٻه ارب ڊالرن جي ادائيگي ڪري ڇڏي.
اسٽيٽ بينڪ ترجمان موجب اها رقم سيف ڊپازٽ طور پاڪستان جي اڪائونٽ ۾ هئي.
ذريعن موجب ڪجهه ڏينهن اڳ موجوده عالمي صورتحال کي ڏسندي يو اي اي رقم جي فوري طور واپسي جو مطالبو ڪيو هو، جنهن تي پاڪستان قرض واپسي جو فيصلو ڪيو.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو ته پاڪستان ان رقم تي 6 سيڪڙو جي شرح سان وياج ادا ڪري رهيو هو، يو اي اي ان رقم کي اڳ سالياني بنياد تي رول اوور ڪري رهيو هو، ڊسمبر 2025 ۾ اها رقم هڪ مهيني لاءِ ۽ پوءِ ٻن مهينن لاءِ رول اوور ڪئي وئي.
هوڏانهن پاڪستان کي سعودي عرب طرفان ٻه ارب ڊالر فنڊن جي مد ۾ وصول ٿيا آهن ۽ سعودي عرب 3 ارب ڊالر ڊپازٽ ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي.
You might also like