تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ايران جي بحريا دشمنن کي نوان نقصان پهچائڻ لاءِ تيار آهي.
مجتبيٰ خامنه اي چيو ته ايران جي بحريا دشمنن کي نئين ۽ سخت شڪست ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار آهي، ايراني فوج ٻن وڏين فوجن سان وڙهي رهي آهي، ايراني فوج انهن جي ڪمزوري ۽ ذلت کي دنيا سامهون وائکو ڪري ڇڏيو آهي، اسلامي جمهوريه ايران جي فوج بهادري سان پنهنجي زمين، سمنڊ ۽ پرچم جو دفاع ڪري رهي آهي.
هن چيو ته جيئن ايراني فوج جا ڊرون بجلي جيان آمريڪي ۽ صيهوني حملي آورن کي نشانو بڻائيندا آهن، ائين بهادر بحريا به دشمن کي نئين ۽ سخت شڪست ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
You might also like