ڪاپي جي ڌم: ڪراچي ۾ ٻه امتحاني مرڪز رد

ڪراچي(رپورٽر)يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊن واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو شاهه  فيصل ڪالوني ۾ لڳايل ايس آر اڪيڊمي جي امتحاني مرڪز جو اچتو دورو ڪيو، جتي بي قاعدگين جو سخت نوٽيس ورتو ويو. صوبائي وزير موقعي تي ڪارروائي ڪندي ٻنهي امتحاني مرڪزن کي فوري طور تي منسوخ ڪرڻ لاءِ چيئرمين ميٽرڪ بورڊ کي حڪم جاري ڪري ڇڏيا.محمد اسماعيل راهو جو چوڻ هو ته امتحاني عملو غير قانوني طور ٻين اسڪولن جي شاگردن کان پيپر حل ڪرائي رهيو هو، جڏهن ته سينٽر تي گنجائش کان وڌيڪ شاگرد پڻ موجود هئا، جيڪا سنگين خلاف ورزي آهي. هن هدايت ڪئي ته سينٽر جي تبديلي ۾ ملوث بورڊ جي اهلڪارن خلاف پڻ سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي.صوبائي وزير پاران ايس آر پبلڪ سيڪنڊري اسڪول شاهه فيصل ڪالوني ۽ ايس آر پبلڪ اسڪول اينڊ ڪالج سعود آباد، ملير جي امتحاني مرڪزن کي فوري طور منسوخ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.محمد اسماعيل راهو وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت نقل جي خاتمي لاءِ "زيرو ٽالرنس” پاليسي تي عمل پيرا آهي ٻئي پاسي سنڌ حڪومت ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ جي امتحانن ۾ نقل خلاف سخت قدمن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔ صوبائي وزير تعليم سردار شاهه ۽ وزير يونيورسٽيز اينڊ بورڊز محمد اسماعيل راهو جو گڏيل بيان جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نقل ۾ ملوث شاگردن ۽ عملدارن خلاف “زيـرو ٽالرنس” پاليسي تي مڪمل عمل ڪيو ويندو۔ بيان موجب نقل ۾ ملوث شاگرد جو امتحاني پرچو فوري طور منسوخ ڪيو ويندو، جڏهن ته اهڙو شاگرد نه رڳو موجوده امتحان مان خارج ڪيو ويندو پر مستقبل ۾ به ڪنهن به بورڊ امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت نه ڏني ويندي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.