صحافي امتياز عالم جي علاج لاءِ سنڌ مان ماهر ڊاڪٽر لاهور پهچي ويا

ڪراچي/لاهور (عوامي آواز رپورٽ)  سنڌ حڪومت جي خاص هدايت تي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيوويسڪيولر ڊيزيز (اين آءِ سي وي ڊي) ڪراچي جي ماهرن جي هڪ ٽيم لاهور پهچي نامياري صحافي ۽ تجزيي نگار امتياز عالم جو تفصيلي طبي معائنو ڪيو. اين آءِ سي وي ڊي جي ماهر اليڪٽررو فزيالوجسٽس، ڊاڪٽر فيصل قادر ۽ ڊاڪٽر مقصود عالم لاهور جي اسپتال ۾ مريض سان ملاقات ڪئي. ڊاڪٽرن موجب 77 سالن جي امتياز عالم کي دل جي ڌڙڪن جي بي ترتيبي جو مرض لاحق آهي، پر هن وقت سندس حالت مستحڪم آهي. ماهرن مريض ۽ سندس گهرڀاتين سان صلاح مشوري کانپوءِ علاج لاءِ اپاءَ تجويز ڪيا. ڊاڪٽرن ٻڌايو ته مستقبل ۾ دل جي وڌيڪ پيچيدگين کان بچڻ لاءِ مريض  جي جسم ۾ لڳل ڊوائيس کي اپگريڊ ڪري سي آر ٽي-آءِ سي ڊي لڳايو ويندو. امتياز عالم ۽ سندس گهرڀاتين سنڌ حڪومت ۽ اين آءِ سي وي ڊي جي ڊاڪٽرن پاران ورتل دلچسپي تي اطمينان جو اظهار ڪندي تجويز ڪيل طبي رٿا سان اتفاق ڪيو آهي. امتياز عالم پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته سندس دل جي علاج لاءِ گهربل خاص اوزار (سي آر ٽي-ڊي) پاڪستان ۾ موجود نه هو، جنهن تي سنڌ حڪومت جي اداري اين آءِ سي وي ڊي فوري ڪارروائي ڪندي اهو اوزار ٻاهران درآمد ڪرڻ جو انتظام ڪيو. هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي خاص هدايتن تي اين آءِ سي وي ڊي جا ٻه ماهر ڊاڪٽر معائني لاءِ لاهور به پهتا آهن. صحافي امتياز عالم چيو ته سنڌ ۾ اين آءِ سي وي ڊي جهڙو ادارو بنا فرق جي سڀني شهرين کي مفت علاج جي سهولت ڏئي ٿو، جنهن تي ڪا اخلاقي قباحت ناهي.  ياد رهي ته امتياز عالم گذريل ڪجهه وقت کان دل جي تڪليف سبب لاهور جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.

امتياز عالم جو پنجاب حڪومت جي 15 لک امداد قبول ڪرڻ کان انڪار

ڪراچي/لاهور (عوامي آواز رپورٽ) ملڪ جي نامياري صحافي ۽ تجزيي نگار امتياز عالم پنجاب حڪومت پاران موڪليل  15 لک رپين جي مالي مدد کي اخلاقي بنيادن تي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جرنلسٽ هائوسنگ فائونڊيشن پاران سندس دل جي علاج لاءِ موڪليل چيڪ تي ردعمل ظاهر ڪندي امتياز عالم چيو ته هو ان بخشش جو حقدار ڪيئن ٿو ٿي سگهي، جڏهن ته صحافين لاءِ ڪا واضح هيلٿ پاليسي يا هيلٿ ڪارڊ موجود ناهي.  هن مريم نواز ۽ پرويز رشيد جي ذاتي همدردي جو شڪريو ته ادا ڪيو پر چيو ته هو ٽيڪس ڏيندڙ عوام جي فنڊ مان اها رقم تڏهن قبول ڪري ها جيڪڏهن ڪا هڪ جهڙي پاليسي هجي ها، سنڌ حڪومت جي اداري اين آءِ سي وي ڊي جهڙو ادارو هجي ها. هن پنهنجي چيڪ جو فيصلو سينئر صحافين مجيب الرحمان شامي، ناصر زيدي ۽ نصرت جاويد جي صوابديد تي ڇڏي ڏنو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.