ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي منگھو پير واري علائقي ۾ ڏوهارين جي پوليس اهلڪارن تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو، پوليس موجب منگھو پير ندي وٽ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن دوران ٻنهي طرفن کان فائرنگ ٿي ۽ ڪانسٽيبل خادم ۽ طفيل زخمي ٿيا، ٻنهي زخمي اهلڪارن کي فوري طور خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمن جي شدت سبب ڪانسٽيبل خادم شهيد ٿي ويو، پوليس موجب شهيد اهلڪار 35 ورهين جو خادم هو جنهن کي مٿي ۾ گولي لڳي، جڏهن ته زخمي اهلڪار طفيل جي عمر 30 سال آهي، ايس ايس پي طارق الاهي مستوئي موجب موٽرسائيڪل سوار هٿياربند فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا، جڏهن ته ناڪابندي ڪري سندن ڳولا جاري آهي، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کان فوري تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، آءِ جي زخمي اهلڪار کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ فوري قدم کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون.