ايران جو وفد ”مناب 168“ جهاز ۾ پهتو!

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد ۾ آمريڪا-ايران ڳالهين کان اڳ ايران جو اعليٰ سطحي وفد هڪ منفرد ۽ دردناڪ منظر سان  پاڪستان پهتو آهي. ايراني وفد جنهن جهاز ۾ اسلام آباد پهتو، ان جو نالو ’مناب 168‘ رکيو ويو آهي، جيڪو جنگ ۾ شهيد ٿيل ٻارڙن ۽ استادن جي قربانين جي علامت آهي. ايراني وفد جي اڳواڻي ڪندڙ محمد باقر قاليباف هن نالي ذريعي ان واقعي طرف اشارو ڪيو آهي، جنهن ۾ ڏکڻ ايران جي شهر مناب ۾ واقع ”شجره طيبه گرلز اسڪول“ کي نشانو بڻايو ويو هو. اهو حملو 28 فيبروري تي آمريڪا ۽ اسرائيل پاران شروع ڪيل حملن جي پهرين ڏينهن ٿيو هو، جنهن ۾ 168 کان وڌيڪ شاگردياڻيون ۽ استاد شهيد ٿيا هئا. ذريعن موجب، گذريل 40 ڏينهن دوران ايران ۾ شهري آبادي، تعليمي ادارن ۽ بنيادي ڍانچي کي مسلسل نشانو بڻايو ويو آهي. انهن حملن ۾ 800 کان وڌيڪ اسڪول، 30 کان وڌيڪ يونيورسٽيون ۽ ڪيتريون ئي اسپتالون متاثر ٿيون آهن. جهاز جي تصويرن ۾ رتورت ٿيلها، جوتا ۽ ٻيو سامان ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو جنگ جي انساني نقصان جي هڪ هيانءُ ڏاريندڙ جهلڪ پيش ڪري ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.