چين ايران کي نئون دفاعي نظام ڏيڻ جي تياري ۾ آهي: آمريڪي انٽيليجنس

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي انٽيليجنس رپورٽ موجب چين ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ايران کي نوان فضائي دفاعي نظام فراهم ڪرڻ جي  تياري ڪري رهيو آهي، سي اين اين جي رپورٽ ۾ آمريڪي انٽيليجنس جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته بيجنگ ان نظام جي کيپ ٽئين ملڪن ذريعي موڪلڻ تي ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته چين ڪلهي تي رکي هلائڻ وارا جهاز ڪيرائڻ وارو ميزائل سسٽم فراهم ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي، ان حوالي سان واشنگٽن ۾ چيني سفارتخاني چيو آهي ته چين ڪڏهن به ڪنهن تڪرار جي ڌر کي هٿيار فراهم نه ڪيا آهن، آمريڪي ٽي وي تي هلندڙ ڄاڻ درست ناهي ۽ هڪ ذميوار وڏي رياست طور چين سدائين پنهنجون عالمي ذميواريون نڀائيندو رهيو آهي، چيني سفارتخاني وڌيڪ چيو ته آمريڪي ڌر کي گهرجي ته هو بي بنياد الزام، بدنِيتي تي ٻڌل رابطا ۽ سنسني پکيڙڻ کان پاسو ڪري، اميد آهي ته لاڳاپيل ڌريون ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻنديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.