نيويارڪ(عوامي آواز نيوز)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس اسلام آباد ۾ شروع ٿيندڙ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين کي هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي قرار ڏيندي ان جو ڀرپور آڌرڀاءُ ڪيو آهي۔اقوام متحده جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ موجب، سيڪريٽري جنرل ٻنهي ملڪن تي زور ڏنو آهي ته هو خلوص نيت سان انهن ڳالهين کي اڳتي وڌائين۔هن چيو ته اهي ڳالهيون خطي ۾ امن ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي آهن ۽ ڌري کي گهرجي ته هن “سنهري موقعي” مان فائدو وٺن۔انتونيو گوتريس وڌيڪ چيو ته تعميري ڳالهه ٻولهه ذريعي هڪ اهڙو جامع ۽ پائيدار معاهدو تيار ڪيو وڃي جيڪو ڊگهي عرصي تائين امن کي يقيني بڻائي سگهي۔