گڏيل دفاعي معاهدي تحت پاڪستاني فوجي جٿو سعودي عرب پهچي ويو

رياض/اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) سعودي عرب جي بچاءَ واري وزارت اعلان ڪيو آهي ته پاڪستان سان ٿيل دفاعي معاهدي تحت پاڪستاني فوج جو جٿو ڪنگ عبدالعزيز ايئربيس تي پهچي ويو آهي. سعودي  بچاءَ واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب، هيءَ مقرري ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٿيل گڏيل اسٽريٽجڪ دفاعي معاهدي جو حصو آهي. پاڪستاني فوجي  جٿي ۾ پاڪ فضائيه جا ويڙهاڪ ۽ مددگار جهاز شامل آهن. هن آپريشن جو بنيادي مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فوجي سهڪار کي وڌائڻ، جنگي تيارين کي بهتر بنائڻ ۽ علائقائي توڙي عالمي سطح تي امن و امان جي صورتحال کي مستحڪم ڪرڻ آهي. پاڪستان ۾ مقرر سعودي سفير نواف بن سعيد المالڪي پڻ هن خبر جي تصديق ڪندي ان کي ٻنهي ملڪن جي تاريخي لاڳاپن جو تسلسل قرار ڏنو آهي. واضح رهي ته گذريل سال سيپٽمبر ۾ وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي سعودي عرب دوري دوران هي تاريخي معاهدو طئي ٿيو هو. هن معاهدي جي سڀ کان اهم شق اها آهي ته سعودي عرب يا پاڪستان تي ڪنهن به قسم جي ٻاهرين مسلح جارحيت کي ٻنهي ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو ۽ دشمن کي گڏجي منهن ڏنو ويندو. پاڪستاني فوج جي اها مقرري هڪ اهڙي وقت تي ٿي رهي آهي جڏهن خطي ۾ ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ جاري جنگ سبب صورتحال انتهائي ڇڪتاڻ آهي ۽ سعودي عرب جي تيل جي ٺڪاڻن کي پڻ خطرا آهن. ٻئي طرف، پاڪستان هن وقت اسلام آباد ۾ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگ بندي لاءِ اهم ڳالهين جي ميزباني پڻ ڪري رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.