اسلام آباد ڳالهيون: وزيراعظم سان ايراني وفد ۽ آمريڪي نائب صدر جون ڌار ڌار ملاقاتون

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد ۾ جاري تاريخي ڳالهين جي سلسلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ايران ۽ آمريڪا جي اعليٰ سطحي وفدن ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون آهن. انهن ملاقاتن ۾ پاڪستان پاران خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ هڪ مخلص ٽياڪڙ طور ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو آهي.  وزيراعظم هائوس جي ترجمان موجب، ايراني وفد جي اڳواڻي ايراني اسيمبلي جو اسپيڪر محمد باقر قاليباف ڪري رهيو هو، جڏهن ته ساڻس گڏ پرڏيهي وزير عباس عراقچي پڻ موجود هو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ گهرو وزير محسن نقوي پڻ شريڪ هئا. وزيراعظم اسلام آباد ڳالهين ۾ ايران جي هاڪاري شرڪت کي سراهيندي چيو ته پاڪستان عالمي ۽ علائقائي امن لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.  ٻئي طرف، وزيراعظم شهباز شريف سان آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس پڻ ملاقات ڪئي. آمريڪي وفد ۾ اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر پڻ شامل هئا. ملاقات دوران خطي ۾ امن، استحڪام ۽ گڏيل سهڪار جي امڪانن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وائيٽ هائوس پڻ هن ملاقات جي تصديق ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خطي جي سلامتي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي اتفاق کي ساراهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي ته اهي ڳالهيون ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ اعتماد ۽ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيندا ۽ اسلام آباد ڳالهيون خطي ۾ پائيدار امن جي منزل ڏانهن هڪ اڳڀرائي ثابت ٿينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.