سرينا هوٽل ۾ ميزباني جا خرچ هڪ سماجي اداري پاران ڪيا ويا؟

اسلام آباد(عمران شفقت)اسلام آباد ۾ جاري ايران–آمريڪا ڳالهين کان پوءِ اهم سفارتي ۽ سياسي اڳڀرائين جون خبرون سامهون آيون آهن، جن مطابق ڳالهين جو عمل هاڻي “نتيجن ڏانهن وڌندڙ مرحلي” ۾ داخل ٿي چڪو آهي، آمريڪي وفد 15 کان وڌيڪ جهازن ذريعي پاڪستان پهتو، جنهن ۾  اعليٰ سطح جو اسٽاف، سيڪيورٽي ٽيمون ۽ لاجسٽڪ سامان شامل هو۔ وفد ۾ لڳ ڀڳ 70 کان 80 ماڻهو شامل هئا، جڏهن ته آمريڪا پنهنجي سيڪيورٽي ۽ انتظامي سامان سان گڏ آيو ۽ مقامي وسيلن تي ڀاڙڻ کان پاسو ڪيو۔تجزين مطابق، ڳالهين دوران هڪ مرحلي تي آمريڪي وفد جي واپسي بابت اطلاع مليا، جنهن سان ڪجهه وقت لاءِ سفارتي ڇڪتاڻ پيدا ٿي، پر بعد ۾ پاڪستان جي مداخلت سان ڳالهين جو عمل ٻيهر بحال ٿيو۔رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته قطر جي 6 ارب ڊالر فنڊ جي آزادي بابت متضاد خبرون سامهون آيون آهن، جتي ڪجهه ذريعن دعويٰ ڪئي ته معاملو طئي ٿي ويو آهي، جڏهن ته آمريڪي ذريعن اهڙي ڪنهن به فيصلي جي ترديد ڪئي آهي۔وي لاگ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڳالهين جي ڪامياب يا حتمي مرحلي کان پوءِ پاڪستان جي ڪابينه ۾ وڏي سطح تي تبديليون ٿي سگهن ٿيون، جن ۾ اهم وزارتن يا عهدن تي ردو بدل جو امڪان به شامل آهي۔رپورٽ موجب، سرينا هوٽل جي ميزباني کي غيرمعمولي طور تي اهم قرار ڏنو پيو وڃي، جتي مبينا طور تي سڄو انتظامي خرچ ۽ سهولتون هڪ مذهبي ۽ سماجي اداري طرفان پاڪستان کي مفت فراهم ڪيون ويون، جنهن کي ملڪ لاءِ “سٺي خواهش جو اظهار” قرار ڏنو ويو آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.