خيرپور/ راڻيپور / گمبٽ/ درازا شريف (نمائندن وٽان) خيرپور جي علائقي درازا شريف جي ويجهو ڳوٺ وريو واهڻ ۾ جوڻيجا برادري جي ٻن گروپن وچ ۾ پراڻي دشمني سبب فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ 5 ڄڻا قتل ۽ 3 زخمي ٿي پيا، سچل سرمست رح جي ديس درازا شريف جي ڳوٺ وريو واھڻ ۾ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٿيل جھيڙي ٻيھر ڪر کنيو، عورت سميت 5 ڄڻا قتل ٿي ويا، علائقو ميدان جنگ بڻيل، ڪتيرائي ڪلاڪ ڌرين جي ھڪ ٻئي مٿان فائرنگ، ضلعي جي مختلف جي پوليس جا اٽالا درازا پھتا، فائرنگ تي ڪنٽرول ڪري لاش کڻائي گمبٽ گمس اسپتال پھچايا، ضروري ڪاروائي بعد لاش وارٽن حوالي، واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ٿي نه سگھيو ناھي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگھي، سچل سرمست رح جي نگري درازاشريف جي ڳوٺ وريو واھڻ ۾ پراڻي تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو، جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين عجب جوڻيجو ۽ ملھار جوڻيجو جي ڌر شامل آھن. جنھن ۾ ھڪ ڌر ٻئي ڌر جا جيڪي سرڪي برادري سان تعلق رکندڙ ٻن سڳن ڀائر نوجوان پيارو سرڪي ۽ نوجوان نعمان سرڪي کي يرغمال بڻايو ويو ھو، ٻنھي يرغمالين جي بازيابيءَ لاءِ ٻنھي ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو، جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ ڌر جو لال جوڻيجو ۽ ٻئي ڌر جو سائينداد جوڻيجو ٿڏي تي ئي قتل ٿي ويا، جنھن بعد يرغمال بڻايل سرڪي برادري جي ٻنھي نوجوانن کي به گولين جو کاڄ بڻايو ويو، جيڪي پڻ موقعي تي ئي مارجي ويا، واقعي جو اطلاع ملڻ بعد مختلف ٿاڻين جي پوليس وڏي انگ ۾ واقعي واري ھنڌ پھتي، جن جائي وارڌات تان زخمين ۽ مارجي ويلن جي لاشن کي گمبٽ ۽ راڻيپور جي اسپتالن ڏي منتقل ڪيو ويو، ان موقعي تي پوليس ٻڌايو ته ٻنھي ڌرين جو ڪجھ وقت اڳ فيصلو به ٿيو ھو، پر اڄ وري ان تڪرار ڪر کنيو آھي، جنھن بعد قتل ٿيل چئن جي مڙھن جا اسپتال مان لاشن جي پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪاروائين بعد وارثن جي حوالي ڪيا ويا، جيڪي سندن جو آخري رسمون ادا ڪرڻ لاءِ آبائي ڳوٺ کڻائي ويا، ان واقعي بعد ڌريون مورچا بند بڻجي ويون آھن، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو، راڻي پور وريو واهڻ ۾ قتل ٿي ويل ٻن ڀائرن پيار علي سرڪي ۽ نعمان سرڪي جي سوشل ميڊيا تي قتل کان اڳ جي وڊيو پڻ وائرل ٿي آھي جنھن ۾ جوڻيجا برادري پاران چئي رهيا هيا ته اسان پاڻ ۾ مائٽ هڪ ٻئي جا سر کڻون توهان ڇو آيا آهيو اسان جي پاسي توهان کي تڪليف آئي آھي توھان جو ڀاءُ ڌر آھي توھان اسان جي گهرن ڏانهن ڇو آيا آھيو توهان جي گهرن ڏانهن گوليون آيون اسان جو جگر سڙيل آھي جنھن بعد قتل ٿي ويا، جڏهن ته نوجوان چئي رهيا هئا ته گار نه ڏيو، اسان ٻڌل آهيون، باقي ڀلي قتل ڪيو، جڏهن ته ذريعن موجب جهيڙي ۾ هڪ عورت مسمات سرور خاتون به قتل ٿي وئي، 3 ڄڻا اياز جوڻيجو، خالد جوڻيجو ۽ بابر سرڪي زخمي ٿي پيا.
جهيڙي جو وڏي وزير نوٽيس ورتو، آپريشن، 5 ڄڻا گرفتار
خيرپور/راڻي پور: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه درازا شريف ۾ جهيڙي دوران قتل ٿي ويل 5 ڄڻن جي قتل جو نوٽيس ورتو، جنھن بعد وڏي وزير پاران جوڻيجا برادري ۾ جهيڙي ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي ڪمشنر سکر ۽ ڊي آءِ جي سکر کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري واقع ۾ ملوث ماڻهن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ کين سخت کان سختت سزا ڏني وڃي، ايس ايس پي خيرپور نوٽيس وٺندي اي ايس پي خيرپور جي اڳواڻيءَ ۾ ٽيم جوڙي ڳوٺ وريو واھڻ تي سرچ آپريش ڪيو، جنھن دوران پنجن کان مٿي شڪي ماڻھن کي گرفتار ڪري سندن کان پڇاڳاڇا لاءِ نامعلوم ھٿ کڻي وئي آھي، ايس ايس پي پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته علائقي ۾ امن امان قائم ٿيڻ تائين سرچ آپريشن جاري رھندو، راڻي پور ۾ جوڻيجا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٿيل جھيڙي جي نتيجي ۾ قتل ٿيل 5 ڄڻن واري واقعو جو آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو پاران نوٽيس وٺندي ايس ايس پي خيرپور کان شروعاتي جاچ تي ٻڌل رپورٽ طلب ڪري ورتي، آءِ جي سنڌ چيو ته قانون هٿ ۾ کڻندڙن خلاف فوري ڪارروائي ڪري ملوثن کي جلد ئي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو.
5 ڄڻن جي قتل کان پوءِ پوليس 14 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي: صوبائي گهرو وزير
ڪراچي: سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پاران راڻي پور واقعي جو سخت نوٽيس، پوليس کي فوري ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي، راڻي پور ۾ جوڻيجا برادريءَ جي ڌرين ۾ ٿيل جھيڙي دوران پنج ماڻھن جي بيرحماڻي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ڪئي وئي آھي، جنھن ۾ پوليس پاران 14 جوابدار گرفتار ڪري کين کان چاج شروع ڪئي وئي آھي، ذميوارن کي قانون موجب سزا ڏني ويندي، گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جي هدايت تي پوليس ڪارروايون تيز ڪندي ڇاپا ۽ سرچ آپريشن شروع ڪيو آھي.