واشنگٽن، ايران کي رليف ڏيڻ لاءِ تيار؟ منجمد اثاثا بحال ڪرڻ جي دعويٰ

اسلام آباد/واشنگٽن (عوامي آواز رپورٽ) اسلام آباد ۾ جاري آمريڪا-ايران ڳالهين دوران ايراني ذريعن پاران دعويٰ ڪئي وئي آهي ته آمريڪا قطر ۽ ٻين غير ملڪي بينڪن ۾ منجمد ڪيل 6 ارب ڊالرن جا ايراني اثاثا بحال ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. پر ٻئي طرف وائيٽ  هائوس انهن خبرن کي رد ڪندي ڪنهن به معاهدي جي ترديد ڪئي آهي. برطانوي خابرو اداري ”رائٽرز“ هڪ اعليٰ ايراني ذريعي جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته تهران انهن اثاثن جي بحاليءَ جو مطالبو واشنگٽن کي موڪليل پيغامن ۾ شامل ڪيو هو، جنهن تي هاڻي هاڪاري جواب جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ايراني اختيارين موجب اثاثن جي واپسي جو معاملو آبنائي هرمز مان بحري جهازن کي محفوظ رستو فراهم ڪرڻ سان جڙيل آهي، جيڪو ڳالهين جو هڪ اهم نڪتو آهي. ايراني ذريعا ان کي هڪ وڏي سفارتي ڪاميابي طور پيش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته آمريڪي عملدارن جو موقف آهي ته اڃا تائين اهڙي ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي جي تصديق نٿي ڪري سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.