ميرپورخاص(رپورٽ: غفار رند) ميرپورخاص ۾ ايم بي بي ايس شاگردياڻي فهيميده لغاري جي مبينا خودڪشي واري ڪيس ۾ نوان رخ سامهون اچي رهيا آهن، وارثن پوليس جي جاچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي ميرپورخاص حيدرآباد روڊ تي ٽول پلازه ڀرسان احتجاجي ڌرڻو هنيو آهي جيڪو ڪيترن ئي ڪلاڪن کان جاري رکيو ويو، مظاهرين جو چوڻ آهي ته ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي، جڏهن ته پوليس موجب واقعي جي مختلف پاسن کان جاچ جاري آهي ۽ وڌيڪ ڪارروائي پڻ ڪئي پئي وڃي، شاگرد تنظيمن، سياسي ۽ سماجي حلقن به واقعي خلاف احتجاج ڪندي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو آهي، ٻئي پاسي پوليس اهم ڪارروائي ڪندي ڪيس جي مک جوابدار، گوسڙو پرائمري ماستر ۽ محمد ميڊيڪل ڪاليج جي ليڪچرار عابد لغاري کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته صوبائي وزير تعليم سيد سردار علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي اسڪول ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ سنڌ کي ڪارروائي جون هدايتون جاري ڪيون جنهن بعد ضلعي ٽنڊو الهيار سان تعلق رکندڙ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول مٺوخان ڊگو جي پرائمري استاد عابد علي کي معطل ڪيو ويو، هوڏانهن ميرپورخاص حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو جاري رکيو ويو جتي زمين تي تڏو وڇائي ويهڪ ڪئي وئي آهي ۽ مختلف شهرن ۽ ڳوٺن مان ماڻهن جي شرڪت جو سلسلو جاري آهي، شھرين پاران ڌرڻي ۾ موجود ماڻهن لاءِ منرل واٽر، کاڌي ۽ ٻين سهولتن جو پڻ بندوبست ڪيو پيو وڃي، واقعي بابت ذريعن موجب مرڪزي جوابدار ۽ محمد ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپل عابد لغاري سرڪاري طور پرائمري استاد پڻ مقرر آهي، جڏهن ته ڊيوٽي تي غير حاضر رهندي گهر ويهي پگهارون کڻندو رهيو آهي.
وومين ايڪشن فورم جي وفد جي فهيمده جي خاندان سان ملاقات، تفصيل ورتا
حيدرآباد(رپورٽر) وومين ايڪشن فورم سنڌ پاران ميرپورخاص جي هڪ نجي ميڊيڪل ڪاليج جي ٽئين سال جي شاگردياڻي فهميده لغاري جي مبينا آپگهات واري افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي. وومين ايڪشن فورم جي وفد متاثر خاندان سان ملاقات ڪري وڌيڪ تفصيل گڏ ڪيا، ان بابت تفصيلي رپورٽ جلد جاري ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي، وومين ايڪشن فورم پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هي واقعو صرف هڪ فردي سانحو نه پر تعليمي ادارن اندر هراسمينٽ، ذهني دٻاءُ ۽ غير محفوظ ماحول جهڙن سنجيده مسئلن جي عڪاسي ڪري ٿو، جن تي فوري ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. وومين ايڪشن فورم حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي فوري، شفاف ۽ آزاد جاچ ڪرائي ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي.
هيڏو سانحو ٿيو آهي، سنڌ حڪومت ڪٿي آهي؟ الطاف خاصخيلي
ميرپورخاص: قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي ھدايت تي سنڌياڻي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جو مرڪزي وفد سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر شازيا احمداڻي، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي ۽ سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر فضا ملاح جي اڳواڻي ۾ ميرپورخاص جي علائقي سيٽ لائيٽ ٽائون ۾ فھميدہ لغاري جي تڏي پھچي سندس وارثن ڏاڏو رمضان لغاري، نانو ڊاڪٽر ٺارو خان لغاري، چاچي مھر حسين لغاري سان تعزيت ڪئي بعد ۾ وفد ميرپورخاص ٽول پلازه وٽ پھچي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪري شھيد ڊاڪٽر فھميدہ لغاري جي ماءُ ۽ والد سان تعزيت ڪئي ۽ کين اياز لطيف پليجو جو پيغام ڏنو ۽ انصاف جي جدوجھد ۾ ساٿ جو يقين ڏياريندي چيو ته توهان سان سڄي سنڌ، قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ گڏ آهي، الطاف خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن کي نياڻين لاءِ مقتل بڻايو ويو آهي. ڊاڪٽر فھميده لغاري جي واقعي انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جھڪائي ڇڏيو آهي، سنڌ حڪومت ڪٿي آھي؟ وزيرن جا لشڪر ڪٿي آھن؟ جيڪڏھن سنڌ ۾ قانون، انصاف ۽ آئين جي حڪمراني ھجي ھا ته ڊاڪٽر فھميده لغاري جھڙو واقعو پيش نه اچي ھا.
واقعي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي:ڊسٽرڪٽ بار ميرپورخاص
ميرپورخاص(بيورو) ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ميرپورخاص جي نئين چونڊيل باڊي پاران ٽئين سال جي ميڊيڪل شاگردياڻي فهيمده لغاري جي مبينا خودڪشي واري واقعي تي اهم بيان جاري ڪيو ويو آهي، صدر قلندر بخش لغاري ۽ جنرل سيڪريٽري ابوالحسن نونداڻي جي صدارت هيٺ ٿيل هنگامي گڏجاڻي ۾ واقعي تي گهري ڏک ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ويو ته هي واقعو نه رڳو هڪ خاندان لاءِ وڏو سانحو آهي پر پوري سماج لاءِ به اک کولي ڇڏيندڙ آهي، جوابدار گرفتار نه ٿيڻ واري اها صورتحال پوليس جي نااهلي ۽ ڪيس جي غلط هينڊلنگ کي ظاهر ڪري ٿي جنهن سبب متاثر خاندان کي انصاف ملڻ ۾ رڪاوٽون پيدا ٿي رهيون آهن، جيڪڏهن جلد انصاف فراهم نه ڪيو ويو ته وڪيل برادري احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندي.
تعليمي ادارن ۾ سنڌ جون نياڻيون غير محفوظ آھن:ثمر حيدر
حيدرآباد(رپورٽر) تعليمي ادارن ۾ سنڌ جون نياڻيون غير محفوظ آھن نياڻي فھميدہ لغاري جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. جيڪي به ھن واقعي ۾ ملوث آهن انهن کي ڪيفر ڪردار تي پھچايو وڃي، اھڙو اظھار سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ثمر حيدر جتوئي پريس ريليز جاري ڪندي ڪيو، هن چيو ته سنڌ جا تعليمي ادارا نياڻن لاءِ مقتل گاهه بڻيل آهن. ڊاڪٽر فھميدہ لغاري جي واقعي انسانيت کي لڄائي ڇڏيو آهي. جيڪڏھن سنڌ حڪومت پھرئين ٿيندڙ اھڙا واقعا روڪي ھا ته اڄ اھڙا واقعا پيش نه اچن ھا، سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ ڪٿي به رٽ نه آھي، سنڌ ۾ انصاف قانون نالي ڪا شيءِ ناھي، ڊاڪٽر فھميدہ لغاري جو واقعو کليل دھشتگردي آھي، ڊاڪٽر فھميده لغاري جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.
ايس ايس پي ميرپورخاص پاران فهميده جي والدين کي انصاف جي خاطري
ميرپورخاص: ايم بي بي ايس شاگردياڻي ڊاڪٽر فهيميده لغاري جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ڪندي ايس ايس پي ميرپورخاص سيد فدا حسين شاهه ٽول پلازه تي جاري ڌرڻي واري هنڌ پهچي وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ کين يقين ڏياريو ته ڪيس جي مک جوابدار عابد لغاري کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي موجب باقي رهيل ٻه جوابدار به ايندڙ 24 ڪلاڪن اندر گرفتار ڪيا ويندا، هن چيو ته هو گذريل 36 ڪلاڪن کان بنا وقفي جاڳي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهيو آهي، ايس ايس پي پاران ڌرڻي ۾ ويٺل نياڻي فهيميده لغاري جي والدين کي مڪمل انصاف جي خاطري پڻ ڪرائي.
سنڌ جا تعليمي ادارا شاگردياڻين لاءِ مقتل گاهه بڻجي ويا آهن: ڪاشف سعيد
ڪراچي (پ ر) امير جماعت اسلامي سنڌ ڪاشف سعيد شيخ شهباز حڪومت پاران پيٽرول جي اگهه ۾ صرف 12 رپيا في ليٽر گهٽتائي کي اُٺ جي وات ۾ زيرو برابر قرار ڏيندي ان کي رد ۽ پُرزور مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت جنهن تيزي سان پيٽرول جا اگهه وڌايا، ساڳي تيزي سان گهٽ ۾ گهٽ في لٽر پيٽرول تي 100 رپيا گهٽائي عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي، سنڌ حڪومت ميرپورخاص ميڊيڪل ڪاليج ۾ حراساني جو شڪار ٿيندڙ شاگردياڻي فهميده لغاري جي خودڪشي واري واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي ۽ نامزد جوابدارن کي عبرت ناڪ انجام تائين پهچائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي، سنڌ جا تعليمي ادارا هاڻي درسگاهن بدران شاگردياڻين لاءِ مقتل گاهه ڇو بڻجي ويا آهن، جنهن سبب والدين به سخت پريشاني جو شڪار آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن دادو ۾ هڪ عوامي اجتماع کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته حڪومت پهريان پيٽرول جي اگهه ۾ ڏيڍ مهيني اندر وڏو اضافو ڪري مهانگائي جي ماريل عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي، پر هاڻي جڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي ته عوام کي حقيقي رليف ڏيڻ بدران صرف 12 رپيا في ليٽر گهٽتائي عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ برابر آهي.
شاگردياڻي فهميده لغاري واقعي خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا
حيدرآباد(رپورٽر) سول سوسائٽي حيدرآباد پاران ميرپورخاص جي ميڊيڪل شاگردياڻي فهيمده لغاري واقعي خلاف پريس ڪلب حيدرآباد اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهري ۾ وڏي انگ ۾ سول سوسائٽي جي اڳواڻن، سماجي ڪارڪنن ۽ شهرين شرڪت ڪئي، مظاهري جي اڳواڻي سول سوسائٽي اڳواڻ عباس کوسو، ايڊووڪيٽ ڀگوانداس ڀيل، خالد ٻٻر ايڊوڪيٽ امير حيدر ٻٻر، اشوڪ راماڻي، سنڌيار سومرو، اسد آزاد، ارباب ابراهيم راھمون، امتياز گرگيج ، ساحل گبول ۽ ٻين ڪئي، اڳواڻن پنهنجي خطاب دوران چيو ته فهيمده لغاري جي موت جا حقيقتون انتهائي ڳڻتي جوڳيون آهن ۽ هن واقعي جي شفاف، آزاد ۽ مڪمل جاچ ٿيڻ لازمي آهي. جيڪڏهن هي خودڪشي ناهي پر قتل جو معاملو آهي ته ان ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، واقعي خلاف نوشهروفيروز، مٺياڻي، دادو، عمرڪوٽ ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، مٺياڻي ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) ڪامريڊ عرس مستوئي ، ڪامريڊ زاهد پنهور، رحمان سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو.