دنيا وٽ پلان بي جي گنجائش ناهي، هر صورت امن ڪرائڻو پوندو: بلاول ڀٽو زرداري

لنڊن/اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عالمي برادري وٽ هاڻي ڪنهن به ”پلان بي“ جي گنجائش ناهي، اسان کي هر صورت ۾ ”پلان اي“ يعني امن کي ئي ڪامياب بڻائڻو پوندو. برطانوي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ هن واضح ڪيو ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾  جاري جنگ جا نتيجا پوري دنيا لاءِ تباهه ڪندڙ ٿي سگهن پيا. بلاول ڀٽو ٻڌايو ته هڪ مهيني جي مسلسل سفارتي ڪوششن کانپوءِ آمريڪا ۽ ايران جنگ بندي تي اتفاق ڪيو آهي، جنهن جي منظوري صدر ڊونلڊ ٽرمپ پڻ ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايران پاران پيش ڪيل 10 نڪاتي فارمولي کي ڳالهين جو بنياد بڻايو ويو آهي، جيتوڻيڪ ڪجهه نقطن تي اختلاف راءِ اڃا موجود آهي، پر اهم ڳالهه اها آهي ته بمباري ۽ جوابي ڪارروايون رڪجي ويون آهن. نوبل امن انعام لاءِ نامزدگي جي سوال تي بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته اسان جي پهرين ترجيح ڪو انعام حاصل ڪرڻ ناهي، پر اسان چاهيون ٿا ته خطي ۾ پائيدار امن قائم ٿئي ته جيئن انساني جانين ۽ عالمي معيشت کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هن عمل سان ملڪن وچ ۾ پيدا ٿيل اعتماد جي کوٽ کي ختم ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.