ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪفايت شعاري پاليسي لاڳو ڪندي دڪانن ۽ شاپنگ مالن کي جلد بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب مارڪيٽن، هوٽلن ۽ شادي هالن جا نوان وقت لاڳو ڪيا ويا، نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي سميت ڊويزنل هيڊڪوارٽرز کان سواءِ ٻين ضلعن ۾ دڪان، مارڪيٽون ۽ شاپنگ مال رات 8 وڳي بند ڪيا ويندا، جڏهن ته ڊويزنل هيڊڪوارٽرز ۾ اهي رات 9 وڳي بند ٿيندا، ان کان سواءِ هوٽلن ۽ فوڊ آئوٽ ليٽس کي شام 7 وڳي کان رات 11:30 وڳي تائين کولڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته هوم ڊليوري ۽ ٽيڪ اوي سروس تي ڪا پابندي نه هوندي، نوٽيفڪيشن موجب شادي هالن ۽ بينڪوئٽس کي رات 8 وڳي کان 12 وڳي تائين تقريبون ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، تندور، کير جي دڪانن، بيڪريز، ميڊيڪل اسٽورن، ليبارٽريز، ڪلينڪس، اسپتالن ۽ پيٽرول پمپن کي هن پابندي کان آجو قرار ڏنو ويو آهي، نوٽيفڪيشن موجب انهن هدايتن تي فوري طور عملدرآمد ٿيندو، جڏهن ته سنڌ حڪومت ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي هدايت ڪئي آهي ته سنڌ پوليس جي سهڪار سان انهن حڪمن تي سختي سان عمل ڪرائن.