قمبر ۾ گهٽيءَ مان گذرڻ جي ڳالهه تان جهيڙو، نوجوان قتل

قمبر (رپورٽ: محمود شيخ ) قمبر جي مستوئي پاڙي ۾ گهٽيءَ مان گذرڻ واري معمولي ڳالهھ تان مستوئي ۽ بليدي برداري جي  ٻن ڌرين وچ جيهڙو ٿي پيو، جهيڙي جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 29 ورهين جو ضياءُ الرحمان مستوئي ٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته جهيڙي کي ٽاريندڙ واٽهڙو اياز مغيري سخت زخمي ٿي پيو جنهن کانپوءِ اهڙو اطلاع ملڻ تي سٽي ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي پنهنجي تحويل ۾ قمبر جي سرڪاري اسپتال پهچايو جتي ضروري ڪارروائي بعد مقتول ضياءُ الرحمان جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي کي وڌيڪ طبي امداد لاءِ لاڙڪاڻي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو ،جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه ئي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي، ٻئي طرف ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار رهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.