دبئي جي پابندين سبب ڀارتي ايئرلائنز مالي بحران جو شڪار

دبئي/نئين دهلي (عوامي آواز رپورٽ) وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي ڪري دبئي انتظاميا پرڏيهي ايئرلائنز جي اڏامن کي 31 مئي تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي. نئين حڪمن موجب، هر پرڏيهي ايئرلائن کي دبئي جي هوائي اڏن لاءِ روزاني رڳو هڪ رائونڊ ٽرپ اڏام جي اجازت هوندي. هن فيصلي سان سڀ کان  وڌيڪ ڀارتي ايئرلائنز متاثر ٿيون آهن، جن اپريل ۽ مئي لاءِ سوين اڏامون شيڊول ڪري رکيون هيون.  ڀارتي ايئرلائنز جي نمائنده تنظيم هن فيصلي کي غير منصفاڻو قرار ڏيندي ڀارتي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو دبئي اختيارين تي دٻاءُ وجهي يا جوابي قدم طور ايمريٽس ۽ فلائي دبئي جي اڏامن کي محدود ڪري. ڀارتي ڪمپنيون اڳ ئي پاڪستاني فضائي حدن جي استعمال تي پابندي ۽ تيل جي وڌندڙ قيمتن سبب مالي دٻاءُ جو شڪار آهن، ۽ هاڻي هن پابنديءَ سان سندن آمدنيءَ ۾ وڌيڪ لاٿ جو خدشو آهي. ٻئي طرف، لفتھانزا ۽ برٽش ايئرويز جهڙين وڏين عالمي ايئرلائنز دبئي لاءِ پنهنجون تمام اڏامون 31 مئي تائين معطل ڪري ڇڏيون آهن. انهن ڪمپنين هاڻي ايشيا ۽ يورپ جي وچ ۾ سڌي سنئين اڏام کي هٿي ڏني آهي ته جيئن مسافرن جي طلب کي پورو ڪري سگهجي. دبئي اختيارين جو چوڻ آهي ته هي قدم موجود صورتحال کي نظر ۾ رکندي کنيو ويو آهي، جڏهن ته گنجائش وڌڻ جي صورت ۾ واڌو سلاٽس ڏئي سگهجن ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.