اي منھنجي سنڌ جا سرخ سورما
اڄ تنھنجو جنم ڏينھن آھي.
پر مان نھ ٿو چاھيان
تنھنجي تصوير مٿان
لفظن جي گل پاشي ڪرڻ
۽ مان نھ ٿو چاھيان
پنھنجي قلم کي اداس ميڻ بتيءَ جيان جلائڻ
مان تنھنجي عظمت آڏو
پنھنجو جھڪيل ڪنڌ
وڌيڪ جھڪائڻ ٿو چاھيان
آئون توکي ٻڌائڻ ٿو چاھيان
اسان جا قد اسان جي نعرن کان ننڍا آھن
اسان جا خواب خصي ۽ خصيص آھن
اسان جا آزاد نعرا
فيس بڪ جي ڄار ۾ ڦاسي ويا آھن
اسان کي ھاڻي لائيڪس کپن
اسان للڪارون وساري ڇڏيون آھن
اي اسان جا عظيم ڪامريڊ!
اسان تحريرون نھ ٿا پڙھون
اسان تقريرون نھ ٿا ٻڌون
اي اسان جا عظيم شھيد
اسان کي انقلابي تصور نھ
تصويرون کپن
مشھور ماڻھن سان ملندڙ
مشھور ماڻھن سان کلندڙ
تضحيڪ آميز تصويرون
اي اسان جي ديس جا ارڏا انسان!
اسان تو کان معافي ٿا وٺون
ان اميد سان تھ:
تون اسان کي معاف نھ ڪندين!!
(نوٽ: ڪامريڊ نذير عباسي جو جنم ڏينهن 10 اپريل آهي)