اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ، آنڌاري ۽ ڳڙي سان برسات جي اڳڪٿي ڪندي امڪاني خطرن ۽ آفتن جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
اين ڊي ايم اي طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن دوران آنڌاري ۽ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي، جن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، سجاول، عمرڪوٽ، مٺي، ٿرپارڪر، ميرپورخاص ۽ ڀرپاسي جا علائقا شامل آهن.
جاري ڪيل الرٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ آنڌاري، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي، جن ۾ زوب، ڪوئيٽا، زيارت، قلات، قلعه سيف الله، پشين، مستونگ، بارکان، قلعه عبدالله، چمن، نوشڪي ۽ ڀرپاسي جا علائقا شامل آهن.
اهڙي ريت گلگت بلتستان ۽ ڪشمير جي ريجن ۾ گلگت، اسڪردو، هنزا، نگر، غذر، ديامر، استور، کپلو، شگر، مظفرآباد، باغ، حويلي، پونڇ، وادي نيلم، ڪوٽلي، ميرپور ۽ ڀمڀر ۾ برسات، آنڌاري ۽ ڳڙي جو امڪان آهي جڏهن ته مٿانهن علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي برفباري جو امڪان پڻ آهي.
خيبرپختونخوا ۾ چترال، دير، سوات، ڪالام، منگورا، بٽگرام، پشاور، صوابي، نوشهرا، مردان، چارسدا، ڪوهاٽ، ڪرڪ، بنون، لڪي مروت، ٽانڪ، ڊي آءِ خان ۽ وزيرستان ۾ گجگوڙ سان برسات ۽ طوفاني هوا جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
پنجاب ۾ مري، اسلام آباد، راولپنڊي، اٽڪ، چڪوال، گوجر خان، جهلم، گجرات، گوجرانوالا، حافظ آباد، منڊي بهاءُ الدين، سيالڪوٽ، نارووال، سرگوڌا، چنيوٽ، جھنگ، فيصل آباد، لاهور، ساهيوال، اوڪاڙا، قصور، گوجرا، ليه، ميانوالي، بوري والا، ملتان ۽ ڊي جي خان ۾ برسات، آنڌاري ۽ ڳڙي جو امڪان آهي.
اين ڊي ايم اي موجب، برسات ۽ آنڌاري سبب حدِ نگاهه ۾ گهٽتائي ۽ رستن تي تِرڪڻ ٿي سگهي ٿي، ڳڙي پوڻ سبب فصلن، گاڏين ۽ ڪمزور انفرااسٽرڪچر کي نقصان پهچڻ جو به خدشو آهي ۽ برفباري سبب جابلو علائقن ۾ ٽريفڪ متاثر ٿي سگهي ٿي.
اين ڊي ايم اي هدايت ڪئي آهي ته شهري غير ضروري سفر کان پاسو ڪن، آنڌاري ۽ ڳڙي دوران محفوظ هنڌن تي رهن، مقامي موسمي هدايتن تي عمل ڪن ۽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪن، وقت سر اطلاع لاءِ پاڪ اين ڊي ايم اي ڊيزاسٽر الرٽ ايپ جو استعمال ڪن.
اين ڊي ايم اي لاڳاپيل ادارن کي الرٽ رهڻ ۽ اڳواٽ جوڳا قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ملڪ ۾ جاري برسات، برفباري ۽ ڳڙي بابت سموري موسمي صورتحال اين اي او سي طرفان جاري ڪيل الرٽس موجب آهي.