ملڪ ۾ 81 لک کان وڌيڪ سمون بند ٿيڻ جو خطرو، ڪارڻ سامهون اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ 81 لک کان وڌيڪ سمون مدي خارج (ايڪسپائرڊ) سڃاڻپ ڪارڊن تي ايڪٽيو هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ نادرا شهرين کي پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊن جي فوري طور تي تجديد ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
نادرا ترجمان موجب، فوت ٿي ويل ماڻهن جي نالي تي رجسٽرڊ سمون ڪنهن به وقت بند ٿي سگهن ٿيون، شهري فوت ٿيل مائٽن جي نالن تي موجود سمون پنهنجي نالي تي منتقل ڪرائين، جون کانپوءِ دير سان تجديد ڪرائڻ تي واڌو فيس ۽ ڏنڊ جو امڪان آهي.
شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته سڃاڻپ ڪارڊ جو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ وقت سر تجديد ڪرائين، مدو پورو ٿيڻ تي بئنڪ اڪائونٽس، موبائل سمون ۽ ٻيون سهولتون متاثر ٿي سگهن ٿيون.
نادرا موجب، اهڙا شهري سرڪاري ۽ فلاحي پروگرامن کان محروم ٿي سگهن ٿا، دير سان تجديد تي ڏنڊ جو امڪان آهي، پر نادرا في الحال ان تي عمل نٿو ڪري.
نادرا رڪارڊ موجب، ڪروڙين سڃاڻپ ڪارڊن ۽ ٻين دستاويزن جو مدو ختم ٿي چڪو آهي، نادرا طرفان شهرين کي ايس ايم ايس ذريعي تجديد جي يادگيري ڪرائي ويندي آهي.
نادرا ترجمان موجب، 18 سال عمر ٿيڻ تي شهري فوري طور سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائين، پي ٽي اي پاران موبائل سروس لاءِ فعال سڃاڻپ ڪارڊ لازمي آهي.
سڃاڻپ ڪارڊ جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ موبائل سمون بلاڪ ٿي سگهن ٿيون. سڃاڻپ ڪارڊ جي تجديد لاءِ نادرا سينٽر، پاڪ آءِ ڊي ايپ ۽ اي سهولت موجود آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.