ڪرسچن ميرج ايڪٽ ۾ 153 سالن کانپوءِ وڏيون تبديليون، گهوٽ ۽ ڪنوار جو مسيحي هئڻ لازمي قرار

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڪرسچن ميرج ايڪٽ ۾ 153 سالن کانپوءِ بنيادي تبديلين لاءِ بل تيار ڪيو ويو، بل اقليتي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين فيلبوس ڪرسٽوفر طرفان جمع ڪرايو ويو آهي.
بل ۾ شاديءَ لاءِ گهوٽ ۽ ڪنوار ٻنهي جو مسيحي هئڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته موجوده قانون ۾ ڪنهن هڪ ڌر جو مسيحي هجڻ ڪافي قرار ڏنل هو.
بل ۾ شاديءَ لاءِ گهوٽ ۽ ڪنوار جي گهٽ ۾ گهٽ عمر 18 سال مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي، ان کان اڳ قانون ۾ ڇوڪري جي عمر 16 ۽ ڇوڪريءَ جي 13 سال مقرر هئي.
بل موجب، مسيحي شادين جي رجسٽريشن يونين ڪائونسل ۽ نادرا جي رڪارڊ ۾ لازمي شامل ڪرڻ ۽ رجسٽرڊ گرجا گهرن کي مسيحي طريقيڪار موجب نڪاح پڙهائڻ جي اجازت ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ان کانسواءِ موجوده بل ۾ نڪاح واري تقريب جي وقت ۽ ڏينهن تي لڳل پابنديون به ختم ڪرڻ جي تجويز ڪئي وئي آهي، ڇو ته موجوده قانون تحت شام 6 وڳي کانپوءِ نڪاح جي اجازت نه هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.