ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 11 ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ لاهور قلندرز کي هڪ طرفي مقابلي ۾ 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڪراچي جي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ٽاس کٽي لاهور کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني.
پهريان بيٽنگ ڪندي لاهور قلندرز جي ٽيم 19 هين اوور ۾ رڳو 100 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
لاهور قلندرز طرفان سڪندر رضا 25، حبيب الله 19 ۽ آصف علي 15 رنسون ٺاهي سگهيا.
اسلام آباد جي ڪرس گرين 3، رچرڊ گليسن، عماد وسيم ۽ شاداب خان 2-2 وڪيٽون ورتيون.
جواب ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ لاهور قلندرز طرفان مليل 101 رنسن جو هدف آساني سان 11 هين اوور ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
اسلام آباد يونائيٽيڊ طرفان ڊيون ڪونووي 59 ۽ محمد فائق 34 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا، جڏهن ته سمير منهاس 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
ڪرس گرين کي شاندار بالنگ تي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو
اهڙي طرح اسلام آباد ميگا ايونٽ ۾ پنهنجي ۾ ٽين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي.
پوائنٽس ٽيبل جي ڳالهه ڪجي ته اسلام آباد 5 ميچن ۾ 7 پوائنٽس سان ٻئي نمبر تي آهي، لاهور قلندرز 4 ميچن ۾ 4 پوائنٽس سان گڏ 5 هين پوزيشن تي آهي.