ڊگهي عرصي کان واٽس ايپ طرفان يوزر نيم فيچر تي ڪم جاري ۽ ان حوالي سان ڪيتريون ئي رپورٽون سامهون آيون آهن.
آخرڪار واٽس ايپ ۾ 2026ع جي سڀ کان وڏي فيچر کي متعارف ڪرائي ويو آهي.
جي ها، واقعي واٽس ايپ جي اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس ڊوائيسز جي بيٽا ورزن ۾ محدود واهپيدارن لاءِ يوزر نيم فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته اميد آهي ته هاڻي تمام جلد ان فيچر کي وڏي پئماني تي متعارف ڪرايو ويندو.
هن فيچر جي مدد سان واهپيدارن جي پرائيويسي وڌيڪ بهتر ٿي ويندي ڇو ته کين نون ماڻهن سان پنهنجو فون نمبر شيئر ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي، پر ان مقصد لاءِ يوزر نيم استعمال ڪيا ويندا.
واٽس ايپ طرفان چئن انگن تي ٻڌل يوزر نيم ڪِي جي سهولت پڻ فراهم ڪئي ويندي.
تنهنڪري جيڪو ماڻهو توهان کي پيغام ڪرڻ چاهيندو ان لاءِ ضروري هوندو ته کيس ان يوزر نيم ڪِي جي خبر هجي ته جيئن سيڪيورٽي وڌيڪ مضبوط ٿي سگهي.
ان کانسواءِ واٽس ايپ سان فون نمبر کي ڳنڍڻ اڃا به ضروري هوندو، بس ان کي شيئر ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي.
فيچر کي ڪيئن استعمال ڪجي؟
جڏهن به توهان کي هن فيچر تائين رسائي ملندي ته ان کي استعمال ڪرڻ به تمام سولو آهي.
ان لاءِ واٽس ايپ سيٽنگز ۾ وڃي پروفائل فوٽو تي ڪلڪ ڪريو.
اتي توهان کي هيٺ يوزر نيم جو آپشن نظر ايندو جنهن تي ڪلڪ ڪري توهان پنهنجو يوزر نيم تيار ڪري سگهو ٿا.
اهڙي ريت توهان پنهنجي فيس بڪ يا انسٽاگرام يوزر نيم کي به واٽس ايپ لاءِ استعمال ڪري سگهو ٿا.