برازيليا (ويي ڊيسڪ) برازيلين وومينز ٽيم جي فاسٽ بولر لورا ڪارڊوسو ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ نئون عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي.
لورا ڪارڊوسو ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل جي هڪ اننگز ۾ 9 وڪيٽون وٺندڙ دنيا جي پهرين انٽرنيشنل پليئر بڻجي وئي آهي.
ليسوٿو وومينز ٽيم خلاف ميچ ۾ ڪارڊوسو 4 رنسن عيوض 9 وڪيٽون حاصل ڪيون.
ان کان اڳ مينز ڪرڪيٽ ۾ ڀوٽان جي سونم يشِي 2025ع ۾ 8 وڪيٽن جو رڪارڊ قائم ڪيو هو، جڏهن ته وومينز ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ انڊونيشيا جي روحماليا 7 وڪيٽن جو رڪارڊ جوڙيو هو.
ميچ ۾ برازيل پهرين بيٽنگ ڪندي 202 رنسون ٺاهيون، لورا ڪارڊوسو جي بهترين بالنگ سبب ليسوٽو جي سٺي ٽيم 13 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ برازيل ميچ 189 رنسن جي وڏي مارجن سان کٽي ورتي.