واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ٽرمپ غير امڪاني صورتحال تي ايران تي ٻيهر حملن جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
پنهنجي سوشل ميڊيا ٽرٿ تي جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪي صدر چيو ته ”معاهدي تائين آمريڪي سامونڊي جهاز، ايئر ڪرافٽ ۽ فوجي اهلڪار ايران جي ڀرپاسي موجود رهندا جڏهن ته ڪنهن به سبب جي ڪري صورتحال غير متوقع ٿي ته ٻيهر حملا شروع ٿي ويندا، اهي حملا پهريان کان وڌيڪ وڏا ۽ طاقتور هوندا.“
ٽرمپ جو چوڻ هو ته پهريان ئي طئي ٿي چڪو هو ته ايران وٽ جوهري هٿيار نه هوندا.
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي فوج ان (جنگبندي) دوران پنهنجي ڀرپور تياري ۽ آرام ڪري رهي آهي، اصل ۾ آمريڪي فوج پنهنجي ايندڙ فتح جي منتظر آهي.