ڪراچي (رپورٽر ) ڪميونسٽ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ اعزاز نظير جو فرزند ۽ نيشنل پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ،ڊاڪٽر حسن ناصر ڪالهه بيماري سبب گذاري ويو، کيس 2017 ۾ برين هيمبريج ٿيو هو، ان هوندي به هن ترقي پسند سياست ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، هن 1981 ۾ افغانستان، ڀارت ۽ ٻين ملڪن ڏانهن سفر ڪيو، ڪامريڊ بعد ۾ بلغاريا به ويو، جتي هن پوليٽيڪل سائنس جي ڊگري ورتي ۽ بعد ۾ هو پاڪستان واپس آيو ۽ عوامي ورڪرز پارٽيجو عهديدار به ٿيو، ان بعد هو نيشنل پارٽي ۾ به شامل ٿيو، هن پنهنجي پويان هڪ ڌيءَ ڇڏي آهي، جيڪا بلغاريا ۾ رهي ٿي، سندس جنازي ۾ شهر جي ترقي پسند اڳواڻن ۽ سياسي ڪارڪنن ،صحافين شرڪت ڪئي ۽ کيس سخي حسن قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو .