واشنگٽن/تهران(عوامي آواز نيوز)ٽرمپ پاران ايران جي تهذيب ختم ڪرڻ جي الٽيميٽم کان اڌ ڪلاڪ اڳ جنگ بندي جو اعلان ڪيو ويو، دنيا ساهه روڪي ايندڙ وقت جو انتظار ڪري رهي هئي ته پاڪستاني وقت مطابق ٽي وڄي 32 منٽن تي آمريڪي صدر جي سوشل ميڊيا پليٽ فارم “ٽروٿ سوشل” تي هڪ پوسٽ ڪئي وئي.ان پوسٽ ۾ ٻن هفتن لاءِ مشروط جنگبندي جو اعلان ڪيو ويو.ڊونلڊ ٽرمپ لکيو ته ’پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير سان ٿيل ڳالهه ٻولهه جي بنياد تي مان ٻن هفتن لاءِ ايران تي بمباري ۽ حملن کي معطل ڪريان ٿو.‘آمريڪي صدر جي پوسٽ ۾ اهو به واضح ڪيو ويو ته هي جنگبندي ٻطرفي هوندي.ٽرمپ چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم۽ فيلڊ مارشل مون کان درخواست ڪئي ته اڄ رات ايران تي حملو نه ڪيو وڃي، ان شرط سان ته ايران آبنائے هرمز فوري طور کولڻ تي راضي ٿئي.ٽروٿ سوشل تي پوسٽ ۾ ٽرمپ چيو ته جنگ معطل ڪرڻ جو سبب اهو آهي ته اسان اڳ ئي سمورا فوجي هدف حاصل ڪري چڪا آهيون ۽ ايران سان ڊگهي مدي واري امن ۽ وچ اوڀر ۾ امن بابت هڪ حتمي معاهدي ڏانهن ڪافي اڳتي وڌي چڪا آهيون. پوسٽ ۾ ٽرمپ ٻڌايو ته کيس ايران طرفان 10 نڪاتي تجويز ملي آهي ۽ هن جو خيال آهي ته اها ڳالهين لاءِ هڪ قابلِ عمل بنياد فراهم ڪري ٿي،ٽرمپ اهو به چيو ته جنگبندي لبنان تي لاڳو نه ٿيندي.اسرائيلي بيان موجب: ’اسرائيل آمريڪي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو ته ايران هاڻي آمريڪا، اسرائيل، ان جي عرب پاڙيسرين ۽ دنيا لاءِ جوهري، ميزائل ۽ دهشتگردي جو خطرو نه بڻجي.‘بيان مطابق آمريڪا اسرائيل کي ٻڌايو آهي ته ڳالهين دوران انهن گڏيل مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي،هوڏانهن وزيراعظم شهبازشريف چيو ته ايراني صدر پزشڪيان ايندڙ ڳالهين ۾ ايران جي شرڪت جي تصديق ڪئي ۽ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.جنگبندي کان پوءِ پاڪستان آمريڪا ۽ ايران کي جمعي تي اسلام آباد ۾ 10 نڪاتي ايجنڊا تي ڳالهين لاءِ دعوت ڏني آهي جڏهن ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي هڪ سرڪاري بيان جاري ڪيو، جنهن کي ڊونلڊ ٽرمپ پڻ پنهنجي ٽروٿ سوشل تي شيئر ڪيو. پنهنجي بيان ۾ عباس عراقچي چيو ته ’اسلامي جمهوريه ايران طرفان مان پنهنجن معزز ڀائرن، پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جو دل سان شڪريو ادا ڪريان ٿو، جن خطي ۾ جنگ ختم ڪرڻ لاءِ بي انتها ڪوششون ڪيون.‘هن لکيو ته وزيراعظم شهباز شريف ايڪس پوسٽ ذريعي برادرانه درخواست ڪئي ۽ آمريڪا 15 نڪاتي تجويزن سان ڳالهين جي درخواست ڪئي، جڏهن ته آمريڪي صدر اعلان ڪيو ته هو ايران جي 10 نڪاتي تجويز کي ڳالهين جي بنياد طور قبول ڪري ٿو هن چيو ته ٻن هفتن تائين آبنائے هرمز مان گذر ممڪن هوندو، پر ان لاءِ ايراني فوج سان رابطو برقرار رکڻو پوندو.ايران جي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل چيو ته گذريل 40 ڏينهن ۾ ايراني عوام ۽ فوج جي مزاحمت دشمن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو ۽ جنگ جا گهڻا هدف حاصل ٿي چڪا آهن.بيان موجب ايران شروع کان ئي اهو فيصلو ڪيو هو ته جنگ جاري رهندي جيستائين دشمن کي پشيماني ۽ مايوسي جي حالت ۾ نه آندو وڃي ۽ ملڪ خلاف ڊگهي مدي وارا خطرا ختم نه ڪيا وڃن.بيان ۾ چيو ويو ته ايران آمريڪي صدر جون ڪيترين ڊيڊ لائينز رد ڪيون ۽ واضح ڪيو ته دشمن جي ڪنهن به مهلت کي اهميت نه ڏني ويندي.سپريم ڪائونسل موجب هاڻي جڏهن ايران کي جنگي ميدان ۾ برتري حاصل آهي ۽ آمريڪا به گهڻا مطالبا قبول ڪري چڪو آهي، تنهن ڪري فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڳالهيون اسلام آباد ۾ ڪيون وڃن ته جيئن جنگي ڪاميابين کي سياسي سطح تي مضبوط ڪيو وڃي. بيان مطابق هي ڳالهيون وڌ ۾ وڌ 15 ڏينهن جاري رهنديون ۽ ضرورت پوڻ تي وڌائي سگهجن ٿيون.ايراني سرڪاري نشريات موجب آمريڪا جن نڪتن تي ڳالهين لاءِ راضي ٿيو آهي، اهي ايران جي پيش ڪيل 10 نڪاتي منصوبي جو حصو آهن، جن ۾ خطي جي جنگن جو خاتمو ۽ ايران لاءِ سياسي ۽ اقتصادي ضمانتون شامل آهن.اهم نڪتا هي آهن:عراق، لبنان ۽ يمن ۾ جنگ جو مڪمل خاتمو ايران خلاف جنگ جو مڪمل ۽ مستقل خاتمو ،ايران ايٽمي هٿيار نه ٺاهيندو،موجوده اسٽاڪ عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي حوالي ڪيو ويندو،عالمي ايجنسي کي نيوڪليئر انفراسٽرڪچر جي نگراني جي اجازت هوندي،ايران خطي ۾ پراڪسيز جي سرپرستي بند ڪندو،ايران بيلسٽڪ ميزائلن کي محدود ڪندو ۽ اسٽاڪ رڳو ان جي دفاع لاءِ هوندو،آبناءِ هرمز کي ٻيهر کولڻ آبناءِ هرمز ۾ محفوظ ۽ آزاد بحري گذرگاهه لاءِ ضابطا قائم ڪرڻ ايران جي ٻيهر تعمير لاءِ مڪمل معاوضي جي ادائيگي ايران تي لڳل سموريون پابنديون ختم ڪرڻ آمريڪا وٽ منجمد ايراني اثاثن ۽ فنڊز جي فوري واپسي ايران پاران ايٽمي هٿيار حاصل نه ڪرڻ جي مڪمل ضمانت،آمريڪا ايران جي بوشهر نيوڪليئر پلانٽ لاءِ بجلي ٺاهڻ ۾ مدد ڪندو، انهن سڀني شرطن جي منظوري سان سڀني محاذن تي فوري جنگبندي هي نڪتا ان فريم ورڪ جو حصو آهن جنهن کي ٽروٿ سوشل پوسٽ ۾ آمريڪي صدر به ڳالهين لاءِ قابلِ عمل بنياد قرار ڏنو آهي.