ٽرمپ عهدي لاءِ فٽ ناهي: ڪانگريس ميمبر

واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)آمريڪا ۾ ڪانگريس جي اڪثر  ڊيموڪريٽ ميمبرن ڊونلڊ ٽرمپ کي صدارت تان هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي۔آمريڪي اخبار موجب،ٽرمپ کي يا ته مواخذي  ذريعي يا وري ڪابينا طرفان آئين جي 25هين ترميم تحت اختيارن کان محروم ڪري سگهجي ٿوڪجهه ڊيموڪريٽميمبرن صدر ٽرمپ جي ذهني حالت تي به ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي۔ڪانگريس جي ميمبرن جو چوڻ آهي ته:شهري آبادي کي تباهه ڪرڻ جي ڌمڪيون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته هو عهدي لاءِ ذهني طور مناسب نه آهن ياد رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا تي ايران جي سڄي تهذيب کي ختم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي۔هن بيان تي عالمي اڳواڻن سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي اهڙي روئي کي ناقابل قبول قرار ڏنو هو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.