لاهور (بيورو) مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف چيو آهي ته عالمي بحران کي ٽارڻ ۾ پاڪستاني قيادت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هُن وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي سفارتي ڪوششن کي دل جي گهرائين سان ساراهيو، سوشل ميڊياپليٽفارم ايڪس تي جاري بيان ۾ نواز شريف چيو ته ٽنهي اڳواڻن ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ بندي ممڪن بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن سان هڪ وڏو عالمي بحران ٽري ويو، هن وڌيڪ چيو ته ايران ۽ آمريڪا جي قيادت به امن ۽ دانائي جو رستو اختيار ڪيو جيڪو عمل ساراهه جوڳو آهي، نواز شريف اميد ظاهر ڪئي ته هي قدم عالمي استحڪام لاءِ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندو.