”شخصن جي آس پاس“ جي آس پاس

تحرير: امر اقبال

رکيل مورائي، 11 نومبر 1993ع کان وٺي منهنجي دل ۾ رکيل آھن، جنهن ڏينهن ساڻس پھريون دفعو رمپا پلازا ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ پھرين ملاقات ٿي ھئي. ان ڏينهن ادبي سنگت جي ميٽنگ کان پوءِ ھُو اسان کي پرنس ڪمپليڪس ۾ عظيم ڪوي شيخ اياز سان ملائڻ لاءِ وٺي ھليو ھو. وسيم سومرو، حبيب ساجد ۽ مان ساڻس گڏ ھئاسون. ھن 2004ع ۾ ڇپيل منهنجي پھرين غزلن جي مجموعي ”سمنڊ اڪيلو آھي“ کي سنڌي غزل جي وڏي نالي واسديو موھيءَ جي ھٿن تائين پھچايو، جنهن منهنجي غزلن کي 2008ع ۾ ڇپيل پنهنجي ڪتاب ”ورھاڱي کانپوءِ سنڌي غزل جو ھينڊ بڪ“ ۾ پنهنجي قيمتي راءِ سميت شامل ڪيو. مٿيان ٻئي اعزاز مون کي رکيل مورائيءَ جي معرفت نصيب ٿيا. اھوئي نه، ھندستان مان ايندڙ ڀلا ڪتاب ۽ رسالا به، انهن ڏھاڙن کان وٺي، مون کي رکيل پڙھايا، ۽ اھو سلسلو تا حال وقفي وقفي سان جاري رھندو پيو اچي. رکيل جو ڪتاب ”بيدل: ھڪ اڀياس“ ڇپيو ته ان جو بئڪ ٽائيٽل مون کان لکرايائين. 2000ع ۾ خيرپور جيم خاني ۾ منهنجي ڪتاب ”کنڀ مورڻين جا“ جي مھورت ٿي، ته رکيل ان ۾ شامل ٿيو ۽ منهنجي ڪتاب تي تفصيل سان ڳالھايائين… ايئن رکيل ۽ مان ھڪٻئي جي آس پاس ته رھيا ئي آھيون.

۽ ھاڻي منهنجي ھٿن ۾ سندس نئون ڪتاب ”شخصن جي آس پاس“ جيڪو رکيل ھنن لفظن سان مون ڏي موڪليو آھي ته: ”منهنجا دلبر دوست امراقبال! تنهنجي لاءِ، گهڻي پيار ۽ احترام مان..“ ۽ مون ھن ڪتاب وچان سفر ڪندي محسوس ڪيو ته رکيل مختلف ڪردارن ۽ شخصيتن جا خاڪا لکندي، انھيءَ ئي پيار ۽ احترام واري واٽ ڪنهن سان به، ڪٿي به ناھي ڇڏي.

شخصن جي آس پاس رھي رکيل جيئن سندن شخصيت جو احاطو ڪيو آھي، اھو ايترو ته موھيندڙ آھي، جو ھي خاڪا پڙھندي مون کي ايئن محسوس ٿي رھيو آھي، ڄڻ مان ڪافيءَ جي ڪپ کي سپ سپ پي رھيو ھجان، ۽ ھر نئين ڍُڪَ کانپوءِ انهيءَ ڪَپَ جي خالي ٿي وڃڻ وارو خطرو ويجهو ايندو ويندو ھجي…

ھن ڪتاب ۾ شامل ”شخصن“ مان  ڪجهه اھڙا آھن، جن جي بنهه ٿورڙو آس پاس مان به رھيو آھيان، پر ايترو ھرگز به نه جيترو رکيل. ۽ اھي ڪتاب جي پھرين ڀاڱي ۾ مُرڪي رھيا آھن. جيئن راشد مورائي صاحب سان ريڊيو خيرپور جي اسٽوڊيو ۾ تفصيلي ڪچھري ڪئي ھيم، ميرمحمد پيرزادي صاحب سان 2006ع ۾ سڪرنڊ ۾ سندس اوطاق تي ھڪ ملاقات ٿي ھئي، سندس پٽ رحمت پيرزادو اسان جو سٺو دوست آھي، حافظ محمد بخش خاصخيليءَ کي ڪئين سال سچل آڊيٽوريم خيرپور ۾ ٿيندڙ ”سچل مشاعري“ ۾ ٻڌڻ جو موقعو مليو. ”پاڻيءَ تي ئي پاڻي ٿيندو“ سندس مشھور نظم، سندس سڃاڻپ جو مضبوط حوالو آھي. گدا خاصخيلي صاحب ”شيخ اياز ميلي“ جي مشاعري ۾ اڪثر ھڪ ئي اسٽيج تي گَڏيو. ڊاڪٽر سليمان سولنگيءَ سان، سندس موڀي پٽ پياري امداد سولنگيءَ جي ڪري نياز مندي رھي آھي. تاج جويي صاحب سان ته ورھين جي دوستي ۽ نيازمندي رھي آھي، عبدالقادر منگي صاحب اسان خيرپور واسي دوستن کي به گهڻو ڀائيندو ھو. سندس ڪراچيءَ واري گهر تي سنگت سان گڏ رات جي مانيءَ تي ساڻس ٿيل ڪچھري، آخري ڪچھري ھئي، جيڪا سدائين ياد رھندي. محمد خان ابڙي صاحب سان ھڪ اوچتي ۾ مختصر ملاقات موري ۾ امداد سولنگيءَ جي آشياني تي ٿي ھئي، باقي کيس ڪٿي ڪٿي پري پري کان ڏٺو ھوندو، ڪتابن ۽ شڪارپور جي عاشق خليل مورياڻي صاحب سان پنهنجيون به روح رچنديون ھيون. ڊاڪٽر منظور قادر، باري منگيءَ ۽ ادل سولنگيءَ سان محبت جي واٽ رمپا پلازا ۾ ٿيندڙ ادبي سنگت جي گڏجاڻين جي معرفت جڙي.  عمر قاضي صاحب سان، اسان جي دوستَ فريد ڀُٽي جي معرفت سلام دعا قائم ٿي ھئي.

اھي اديب جن جي فزيڪلي آس پاس رھڻ جو مون کي موقعو نه ملي سگهيو آھي، ۽ جيڪي ھن ڪتاب ۾ موجود ملن ٿا، انهن ۾ ڊاڪٽر محمد لائق زرداري، عظيم سنڌي، آنند کيماڻي، ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي، ماھتاب محبوب، مشتاق باگاڻي، مھجور غلام حيدر سولنگي، فضل سليمان قاضي، گل محمد عمراڻي، مولا بخش ٻرڙو شامل آھن.

رکيل پنهنجي بابا سائينءَ جاڙي خان سولنگيءَ جو خاڪو واهه جو لکيو آھي. مون کي نسيم کرل جي خاڪي لکڻ جو انداز ياد اچي ويو، توڻي جو نسيم صاحب ڪي ٿورڙا خاڪا ئي لکيا، پر جن تي به لکيئين، انهن جا وصف تير پتير لکيائين. رکيل به ھن خاڪي ۾ پنهنجي بابا جي ڪمال تصويرڪشي ڪئي آھي. موري جو پريو مڙس جاڙو خان سولنگي ھن تحرير ۾ گهر کان اوطاق، ۽ اوطاق کان ڳوٺ ۾ گهمندي ڦرندي، ڳالھائيندي ٻولھائيندي ۽ روئندي کلندي محسوس ٿو ٿئي. رکيل لکي ٿو:

”منهنجي ٻالڪپڻ جي يادگيرين ۾ منهنجي بابا جي تصوير  ڪجهه ھيئن چٽيل آھي. ھڪ ڪڻڪ رنگو شخص، قد جو پورو پنو، جسم ۾ نه سنھو ۽ نه گهڻو ٿلھو، اڇا وار جن تي مينديءَ جو رنگ چڙھيل، ساڳيءَ طرح شھپر ڪارا نڀور، خاڪي رنگ جا کاڌيءَ جا ڪپڙا ۽ ڪارو سليپر پيرن ۾. مان نه سڀران ته بابا ڪڏھن ھڪ ڏينهن جي ڏاڙھي نه لاٿي ھجي. صاف استري ٿيل ڪپڙا ۽ ھٿ ۾ لڪڻ، جيڪو ھن ڪڏھن به ھٿ مان نه ڇڏيو. شايد ان وقت سٺو لڪڻ ھٿ ۾ کڻڻ معتبريءَ جي نشاني ھئو، ان ڪري بابا ھڪ معتبر ڳوٺاڻو شخص لڳندو ھو. ھو نھايت اعتماد سان ڳالھائيندڙ شخص ھو، جڏھن ھلندو ھئو ته سندس پيرن ھيٺان اعتماد نڇاور ٿيندو ھئو. منهنجي اکين ھن کي ڪڏھن به حد کان وڌيڪ تڪڙو ھلندي يا ڊوڙندي نه ڏٺو.“ ص ــ 206

ھي ھڪ ننڍڙو نمونو آھي، رکيل جي خاڪي لکڻ جي انداز جو. ھونئن سڄو ڪتاب لکت جي اھڙي لطافت سان ڀريو پيو آھي. لکڻ مھل رکيل جي قلم جي پيرن ھيٺان به اعتماد نڇاور ٿيندي ملندو آھي ۽ ادب جي ميدان ۾ منهنجي اکين به رکيل کي ڪڏھن به حد کان وڌيڪ تڪڙو ھلندي يا ڊوڙندي ناھي ڏٺو.

رکيل وٽ ڳالهه کڻڻ ۽ توڙ تائين پھچائڻ جو به پنهنجو اسٽائيل آھي، ھو ڄڻ ته تار جي ھڪ ڇيڙي تان ھڪ ڊگهي بانس جي لٺ ھٿ ۾ جهلي، ھلڻ شروع ڪري ٿو ۽ بنان لڏڻ لمڻ جي ٻئي ڇيڙي تائين، ڪمال حفاظت سان پھچي وڃي ٿو.

رکيل جي سيني جي ڪنهن به ڪُنڊ ۾ ڪينو ناھي. سندس سڀاءَ جي سادگي ۽ نيت جي شفافيت سندس سٽ سٽ مان پڌري آھي. ھن ڪنهن به خاڪي ۾ ڪنهن به ڪردار کي رھڙڻ جي ڪوشش ناھي ڪئي. ڪابه تنقيد، ڪوبه اختلاف ڪنهن کي زخمي نه ٿو ڪري. وٽس ڳالهه کي فضيلت ۽ نرميءَ سان پيش ڪرڻ جو عجب ڏانءُ آھي. ھن عظيم سنڌيءَ جو خاڪو ڄڻ ته دل جي مس ڪپڙيءَ مان قلم ٻوڙيندي لکيو آھي.

رکيل جي مشاھدي جي گھرائي، سندس مزاح جي حس، سندس باوقار لھجو، ڳالھين جي سيبتي اکيل، چڀندڙ نرم جملا، اھي سڀ شيون ھنن خاڪن جي اھميت وڌائن ٿيون. ادل سولنگيءَ وارو خاڪو ته ڪنهن ناول جو باب لڳم. بنان ڪنهن شڪ جي، جي رکيل ڪوئي ناول لکڻ جو ساھس ڪري، ته چڱن کان چڱو ناول به لکي سگهي ٿو.

مون ڪنهن زماني ۾ سعادت حسن منٽو جو خاڪن تي ٻڌل ڪتاب ”لائوڊ اسپيڪر“ پڙھيو ھو، ان کان پوءِ عبدالقادر جوڻيجي صاحب جو ”شڪليون“ ۽ غلام رباني آگري صاحب جو ”جھڙا گل گلاب جا“ ٻئي ڀاڱا مون ور ور ڪري پئي پڙھيا آھن، ۽ رکيل جو ھي ڪتاب پڙھڻ کانپوءِ ٺپي پنهنجي مختصر لئبريريءَ جي ھڪ مٿاھين ڪنڊ ۾ رکندي مون سنڌي خاڪانگاريءَ جي حوالي سان ھڪ نئين اھم اضافي تي اظمينان محسوس ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ رکيل جي تڪيه ڪلام ”سھمتيءَ ۽ اسھمتيءَ جي ٻه واٽي تي“ ھرگز به ۽ ھڪ لمحي لاءِ به نه بيٺس.پياري رکيل مورائيءَ جو ھي ناول مرڪ پبليڪيشن ڪراچيءَ پاران ڇپيو آھي. ھن ڪتاب جو تفصيلي مھاڳ انورابڙي صاحب لکيو آھي ۽ بئڪ ٽائيٽل تي اسحاق انصاري صاحب جي راءِ درج ٿيل آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.