سڀاڻي نه تون رهندين ۽ نه ئي آبنائي هرمز

تحرير:وسعت الله خان

اٺاويهه فيبروري جي ڏينهن اوچتو ٻه وڏا واقعا پيش آيا. اسرائيلي فضائيه ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي کي، پنهنجي گهڻن ئي گهر ڀاتين سميت، تهران ۾ قتل ڪري ڇڏيو ۽ تهران کان لڳ ڀڳ تيرهن سئو ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه پري آبنائي هرمز جي ساحل کان پنجويهه ڪلوميٽر اندر قائم مناب نالي ڳوٺ جي شجرِ طيبه گرلز پرائمري اسڪول جي هڪ سئو ستر نينگرين کي لڳاتار ٻه آمريڪي ميزائلن سان ختم ڪري ڇڏيو. ان ڏينهن کان وٺي اڄ تائين پنجن هفتن دوران آبنائي هرمز جو نالو شايد زمين تي رهندڙ لڳ ڀڳ هر انسان جي ڪنن تائين پهچي چڪو آهي.

خليج فارس کي خليجِ عمان جي رستي بحرِ هند سان ملائيندڙ اُڻيتاليهه ڪلوميٽر ويڪري آبنائي هرمز کي گذريل ڏيڍ هزار سالن ۾ ڪيترائي لقب مليا. مثال طور جڏهن عربن ايران تي قبضو ڪيو ته هن آبنائي کي ٻه نالا ڏنا ويا: باب السلام (امن جو دروازو) ۽ باب الحديد (لوهي دروازو). خليج ۾ اچڻ ۽ وڃڻ واري هن دروازي جي ويجهو ايراني ساحل کان اٺ کان ٽيهه ڪلوميٽر جي فاصلي تي ٽي اهم ٻيٽ آهن. انهن مان سڀ کان وڏو ٻيٽ قشم آهي. ان جي آبادي لڳ ڀڳ ڏيڍ لک آهي ۽ هتي جي پٿريلي زمين تي جيڪي رنگ پکڙيل آهن، اهڙو ارضياتي منظر شايد ئي زمين جي ڪنهن ٻئي هنڌ ملي. هڪ ٻيٽ جو نالو لرڪ آهي ۽ ٻيو هرمز آهي (جيتوڻيڪ ابو موسيٰ، تمبِ اڪبر و اصغر ۽ جزيرو خرگ به آهن، پر اهي آبنائي هرمز کان ڪجهه فاصلي تي آهن)

هرمز سامونڊي لنگهه هڪ اهڙي ساحلي سلطنت جو واپاري مرڪز رهيو آهي جتي فارس ۽ ميسوپوٽيميا مان گذرندڙ مقامي توڙي يورپي، ايشيائي ۽ آفريڪي شين کي گودامن ۾ رکيو ويندو هو (جهڙوڪ کجور، مصالحا، قيمتي پٿر، ڪپڙو، خوشبويون، کاڌ خوراڪ، ڪاٺ، موتي وغيره). انهن شين جي نيلامي ٿيندي هئي ۽ واپاري ٻيڙين ذريعي اهي شيون سڄي معلوم دنيا ۾ اينديون وينديون هيون (ان وقت تائين دنيا جي ڪنهن ماڻهو آمريڪا جو نالو به نه ٻڌو هو)

سورهين صدي ۾ (1515ع) پرتگالي هرمز ٻيٽ تي قبضو ڪري هتي قلعو تعمير ڪيو. 1622ع ۾ ايران جي صفوي بادشاهت ٻيٽ واپس حاصل ڪري ان کي ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ليز تي ڏئي ڇڏيو. هتان گذرندڙ مال تي محصول ۾ به ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ شراڪت طئي ٿي. (اڄ ايران ۽ عمان هرمز تي محصول لاڳو ڪري دراصل صديون پراڻو آمدني وارو نظام بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن)

آبنائي هرمز جي ٻي پاسي عربستان جو ريگستاني علائقو آهي، جتي اڄ ڪويت، قطر، بحرين ۽ متحده عرب امارات قائم آهن. اڳي هتي ننڍڙيون ساحلي وسنديون هونديون هيون. مڇي مارڻ ۽ سمنڊ مان موتي ڪڍڻ ئي روزگار جو بنيادي ذريعو هو. سڄي علائقي ۾ اڻويهين صدي جي وچ کان پوءِ برطانوي سامراجي اثر سبب تيل جي دريافت ٿي، جيڪا برٽش پٽروليم ڪمپني ڪئي هئي (هن خطي ۾ سڀ کان پهرين ايران ۾ 1908ع ۾ تيل جي پيداوار شروع ٿي).

ٻي عالمي جنگ کان پوءِ برطانوي سلطنت جي زوال سان گڏ هن علائقي ۾ آزادي حاصل ڪندڙ قومپرست حڪومتن پنجاهه ۽ سٺ واري ڏهاڪي ۾ تيل کي قومي ملڪيت ۾ وٺڻ شروع ڪيو. مغربي ۽ آمريڪي تيل ڪمپنين، جيڪي تمام سستي اگهه تي وسيلا حاصل ڪنديون هيون، پنهنجين حڪومتن جي حمايت سان هن قومي پاليسي جي سخت مخالفت ڪئي. هن ڇڪتاڻ دوران ڪيترين ئي حڪومتن جا تختا اونڌا ڪيا ويا.

بهرحال آڪٽوبر 1973ع جي عرب-اسرائيل جنگ کان پوءِ خليجي ملڪن ٽن مهينن تائين اسرائيل حمايتي مغربي ملڪن کي تيل جي فراهمي بند ڪري ڇڏي. ان سان پهريون ڀيرو اهو احساس ٿيو ته هتان جون حڪومتون هاڻي پنهنجي مفادن بابت آزاد فيصلا ڪرڻ جي قابل ٿي ويون آهن. ساڳئي وقت آمريڪا ۽ يورپ به اهڙن بحرانن کان بچڻ لاءِ هن علائقي ۾ مغرب حامي حڪومتن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ شروع ڪيو. اهڙي طرح تيل جي آمدني کي پيٽرو ڊالر ۽ مغربي معيشت سان ڳنڍي هڪ نئون بيٺڪيتي مالي ڍانچو قائم ڪيو ويو.اسرائيل کي فوجي لحاظ کان وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ عرب ملڪن کان معاشي فائدا حاصل ڪرڻ باوجود اهو بندوبست برقرار رکيو ويو ته مغربي هٿيار ٺاهيندڙ ڪمپنين کي وڏا ٺيڪا ملندا رهن، پر ڪنهن به علائقائي ملڪ کي اهڙو هٿيار يا طاقت حاصل نه ٿئي جنهن سان اسرائيل جي فوجي برتري کي چئلينج ٿي سگهي. ايران 1979ع جي انقلاب کان پوءِ هن نئين راند جا قاعدا مڃڻ کان انڪار ڪيو، تنهنڪري ان جي چوڌاري هڪ سخت گهيرو قائم ڪيو ويو.

آبنائي هرمز جي ايراني پاسي ڪوھِ زاگرس جا جبل آهن، جڏهن ته عمان جي پاسي سمنڊ ۾ نڪتل ٽڪري کي جزيره نما مسندم چيو وڃي ٿو. جيالاجي جي علم موجب آبنائي هرمز جي موجوده شڪل لڳ ڀڳ ساڍا ٽي ڪروڙ سال اڳ يوريشيائي ۽ عربي زميني پليٽن جي ٽڪراءَ جي نتيجي ۾ ٺهي. ان عمل سان ايراني پاسي زاگرس جبل ۽ عماني پاسي الهاجر جبل وجود ۾ آيا، جڏهن ته ان ارضياتي هلچل سان پيدا ٿيل کوٽائي کي اڄ اسين خليج جي نالي سان سڃاڻون ٿا.

ويهه هزار سال اڳ آخري برفاني دور جي خاتمي تائين خليج ۾ پاڻي ايترو گهٽ هو جو ڪيترن هنڌن تي ماڻهو پنڌ ڪري به پار وڃي سگهندا هئا. آبنائي هرمز جي عماني پاسي جزيره نما مسندم اڄ به حرڪت ۾ آهي، يعني اهو آهستي آهستي ايراني پاسي ڏانهن سرڪي رهيو آهي. ارضيات جي ماهرن جو اندازو آهي ته هڪ ڪروڙ سال پوءِ عماني ۽ ايراني پاسي ملڻ سان آبنائي هرمز مڪمل طور ختم ٿي ويندي ۽ خليج هڪ بند ڍنڍ جي شڪل اختيار ڪري وٺندي.

سٺي ڳالهه اها آهي ته شايد انسان ان مرحلي کان لکين سال اڳ ئي زمين تان ختم ٿي چڪو هوندو. نه بانس رهندو نه بانسري وڄندي. تنهنڪري زمين جي انهن سڀني نعمتن تي، جيڪي توهان کان اڳ به موجود هيون ۽ توهان کان

پوءِ به رهنديون، جيترو وڙهڻو آهي اڃا وڙهي وٺو.

ويهه هزار سال اڳ آخري برفاني دور جي خاتمي تائين خليج ۾ پاڻي ايترو گهٽ هو جو ڪيترن هنڌن تي ماڻهو پنڌ ڪري به پار وڃي سگهندا هئا. آبنائي هرمز جي عماني پاسي جزيره نما مسندم اڄ به حرڪت ۾ آهي، يعني اهو آهستي آهستي ايراني پاسي ڏانهن سرڪي رهيو آهي. ارضيات جي ماهرن جو اندازو آهي ته هڪ ڪروڙ سال پوءِ عماني ۽ ايراني پاسي ملڻ سان آبنائي هرمز مڪمل طور ختم ٿي ويندي ۽ خليج هڪ بند ڍنڍ جي شڪل اختيار ڪري وٺندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.