سمورا جبل ختم ٿي ويا، سيوهڻ جبل بچيو آهي، توهان ليز تي وڙهو پيا: سنڌ هاءِ ڪورٽ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ ٺٽي جي علائقي ۾ لائم اسٽون، ريتي ۽ بجري ڪڍڻ خلاف داخل درخواست تي مائنز اينڊ منرلز ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو کي سائيٽ وزٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت حڪم ڏيندي چيو ته جتي مائننگ ٿي رهي آهي اتي جو معائنو ڪيو وڃي ڪيتري مائننگ ٿي رهي آهي ۽ ڪهڙي شيءِ جي مائننگ ٿي رهي آهي، ان جي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اختيارين کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي درخواست جي ٻڌڻي 28 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران جسٽس عدنان الڪريم چيو ته سمورا جبل ختم ڪيا ويا آهن، ڪٽي پهاڙي به ڪٽي وئي آهي، اتان جو حال ڏسو، حيدرآباد کان ڪراچي جي وچ ۾ ننڍا ننڍا جبل هئا، اهي به ختم ٿي ويا آهن، هاڻي صرفسيوهڻ جا جبل بچيا آهن، هي ان کي به ختم ڪري ڇڏيندا، توهان ماڻهو ليز تي وڙهي رهيا آهيو، نقصان عوام جو ٿي رهيو آهي، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته عدالت جي اسٽي آرڊر باوجود ريتي ۽ بجري ڪڍي پئي وڃي، ٺيڪيدار جي وڪيل چيو ته اسان ليز ورتي آهي ۽ لائم اسٽون ڪڍي رهيا آهيون، ريتي بجري الڳ شيءِ آهي ۽ لائم اسٽون الڳ آهي، سرڪاري وڪيل چيو ته ليز معدنيات واري کاتي طرفان ڏني وئي آهي، عدالت چيو ته لائم اسٽون ته رڳو بهانو آهي، اندران ريتي بجري سڀ ڪجهه ڪڍيو پيو وڃي، نوري آباد ۾ اڳ ڇا هو، هاڻي سڀ ختم ٿي چڪو آهي، معدنيات کاتي جي عملدار چيو ته ٻئي ڌريون ليز هولڊر آهن، هي ڪاروباري تڪرار آهي، عدالت چيو ته پوءِ ٻنهي جون ليزون ختم ڪري ڇڏيون، درخواست گذار چيو ته اسان وٽ ڪا ليز ناهي، اسين رهواسي آهيون، عدالت معدنيات کاتي جي آفيسر کان پڇاڻو ڪندي چيو ته ٻڌايو ته درخواستگذار جي ليز ڪٿي آهي؟ آفيسر چيو ته مهلت ڏني وڃي، ايندڙ ٻڌڻي تي ڪاغذ پيش ڪندس، عدالت چيو ته توهان عدالت کي گمراهه ڪري رهيا آهيو، قانون موجب صرف 5 سيڪڙو کوٽائي ڪري سگهجي ٿي، جبلن جي جاءِ تي هاڻي کڏون بڻجي ويون آهن، جسٽس ذوالفقار سانگي چيو ته مائننگ سبب زمين پاڻي هيٺ وڃي رهي آهي، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته علائقي مان لڳاتار ريتي ۽ بجري ڪڍي پئي وڃي، سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳ ئي اسٽي آرڊر جاري ڪري چڪي آهي، عدالتي حڪم باوجود ريتي بجري ڪڍي پئي وڃي، ريتي بجري ڪڍڻ سبب علائقي جي آب هوا متاثر ٿي رهي آهي، علائقي جا رهواسي مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.