ڪراچي (رپورٽر) سنڌ واپاري اتحاد سمارٽ لاڪ ڊائون جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، سنڌ واپاري اتحاد جي چيئرمين شيخ حبيب ۽ ٻين واپاري اڳواڻن ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ ۾ سنگين توانائي بحران، پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ۽ وڌندڙ مهانگائي سبب واپاري برادري هنگامي بنيادن تي اثرائتا قدم کڻڻ جو مطالبو ڪري ٿي، واپاري اڳواڻن چيو ته موجوده حالتن ۾ غير ضروري توانائي استعمال گهٽائڻ کان سواءِ معيشت کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ ممڪن ناهي، بجلي، گئس ۽ ٻارڻ جي واڌو قيمتن ڪاروبار کي سخت متاثر ڪيو آهي، هنن چيو ته اسمارٽ لاڪ ڊائون هڪ عارضي پر اڻٽر حڪمت عملي آهي، جنهن تي سنجيدگي سان عمل ڪرڻ ضروري آهي، واپاري تنظيم تجويز ڏني ته توانائي بچت لاءِ مرحليوار وقت محدود ڪيو وڃي، سرڪاري ۽ خانگي آفيسون منجهند 3 وڳي تائين، بينڪ شام 4 وڳي تائين، هول سيل مارڪيٽون شام 7 وڳي تائين، ريٽيل مارڪيٽون، مالز ۽ شاپنگ پلازا رات 9 وڳي تائين، هوٽلز ۽ ريسٽورنٽس رات 10 وڳي تائين، جڏهن ته شادي هال 11 وڳي تائين کليل رهن، پارڪن، تفريحي هنڌن ۽ سي ويو تي شام 6 وڳي کان پوءِ مڪمل پابندي لڳائڻ جي به تجويز ڏني وئي، واپاري اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ايران-آمريڪا ڇڪتاڻ کي جواز بڻائي پيٽرول، ڊيزل، ايل اين جي ۽ سي اين جي جي اگهن ۾ ڪيل واڌ فوري طور واپس ورتي وڃي، واپاري تنظيم خبردار ڪيو ته اهڙي سبسڊي جا اعلان نه ڪيا وڃن جيڪي عملي طور لاڳو نه ٿي سگهن، اهڙن اعلانن سان عوام ۾ بيچيني ۽ بي اعتمادي وڌي ٿي.