ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. چيو ته سنڌ حڪومت هڪ گڏيل حڪمت عملي تيار ڪئي آهي ته جيئن شهرين، خاص طور تي گهٽ آمدني وارن مسافرن کي عالمي سطح تي ٻارڻ جي اگهن ۾ واڌ سبب وڌندڙ سفري خرچن کان بچائي سگهجي. ان موقعي تي ٽرانسپورٽ شعبي جي عهديدارن پريس ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، صوبائي وزير، ٽرانسپورٽرن جا نمائندا ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر موجود هئا جڏهن ته ڊويزنل ڪمشنرن ۽ ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽيز وڊيو لنڪ ذريعي شامل ٿيا، . پريس ڪانفرنس جي شروعات ۾ سنڌ جي وڏي وزير سموري ملڪ ۽ خاص طور تي صوبي ۾ رهندڙ عيسائي برادري کي ايسٽر جون واڌايون پڻ ڏنيون. سڄي سنڌ ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن کي برقرار رکڻ بابت سيد مراد علي شاهه چيو ته ڪيترين ئي صلاح مشورن کانپوءِ بين الاضلاع ۽ شهرن جي روٽن تي هلندڙ ٽرانسپورٽرز هن ڳالهه تي راضي ٿي ويا آهن ته اھي سواريءَ جي ڀاڙن ۾ واڌ نه ڪندا ۽ 28 فيبروري 2026ع واري سطح تي ئي برقرار رکندا. وڏي وزير چيو ته مان ٽرانسپورٽرن جو ٿورائتو آهيان، جن قومي مفاد ۾ حڪومت جي رليف ڪوششن جو ساٿ ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته وڌندڙ آپريشنل خرچن باوجود ٽرانسپورٽرن ذميواري جو مظاهرو ڪندي عوام کي رليف ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آھي. ٽرانسپورٽرن جي نمائندن، جن ۾ ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد جا اڳواڻ حاجي تواب ۽ بين الاضلاع آپريٽر شبر ملڪ شامل هئا، پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته ڀاڙن کي برقرار رکڻ خراب معاشي حالتن ۾ شهرين جي مدد لاءِ گڏيل فيصلو آهي. نقصانن جي تلافي لاءِ سبسڊي بابت وڏي وزير چيو ته حڪومت روٽ پرمٽس جي بنياد تي ٽرانسپورٽرن کي مالي مدد فراهم ڪندي ته جيئن ٻارڻ جي وڌندڙ قيمتن سبب ٿيندڙ خرچن جو ازالو ڪري سگهجي ۽ عوامي خدمتون جاري رهن. هن واضح ڪئي ته سبسڊي ۾ وفاقي حڪومت جي مدد سان گڏ صوبائي حڪومت جي اضافي سهائتا پڻ شامل هوندي، ته جيئن ٽرانسپورٽر مسافرن تي بار وڌائڻ کانسواءِ پنهنجون خدمتون جاري رکي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت سبسڊي جو خرچ پاڻ برداشت ڪندي ته جيئن سڄي صوبي ۾ بسن جا ڀاڙا برقرار رھن. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ 11 هزار کان وڌيڪ بسون هلن ٿيون ۽ ڀاڙن کي سبسڊي ذريعي برقرار رکڻ لاءِ صوبي کي اٽڪل 3 کان 4 ارب رپيا خرچ ڪرڻا پوندا. وڏي وزير ٻڌايو ته عوام کي اهم شعبن ۾ پڻ رليف فراهم ڪيو پيو وڃي. هي سبسڊي پيڪيج هيٺين شعبن تائين وڌايو ويندو؛ مال بردار گاڏيون (گڊس ٽرانسپورٽ)، ته جيئن ضروري شين جا اگهه مستحڪم رهن، اسڪول وينز، ته جيئن شاگردن جي ٽرانسپورٽ فيس ۾ واڌ نه ٿئي. پبلڪ ٽرانسپورٽ آپريٽرز، ته جيئن ڊيزل جي وڌندڙ اگهن باوجود روزانو آپريشن جاري رهي. وڏي وزير چيو ته شروعات ۾ حڪومت عوامي بسون مفت ڪرڻ تي غور ڪيو هو، پر پوءِ هڪ وسيع ڀاڙن جي منجمد پاليسي اختيار ڪئي وئي ته جيئن وڌيڪ ماڻهن کي فائدو ملي سگهي. وفاق ۽ صوبي جي گڏيل اپائن بابت سيد مراد علي شاهه چيو ته هي اپاءَ قومي سطح جي گڏيل حڪمت عملي جو حصو آهي، جنهن تحت صوبن محدود عرصي لاءِ ٻارڻ جي سبسڊي جو بار ورهائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته سنڌ مجموعي سبسڊي فريم ورڪ ۾ اٽڪل 14 ارب رپيا حصو وجهندي، جڏهن ته ٽرانسپورٽرن، آبادگارن ۽ صارفين لاءِ اضافي قدمن تي وڌيڪ 3 کان 4 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا. بحران دوران استحڪام کي يقيني بڻائڻ بابت ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته علائقي جي بدلجندڙ صورتحال عالمي سطح تي ٻارڻ جي اگهن تي اثرانداز ٿي آهي، پر حڪومتي پاليسين سبب صوبي ۾ ٻارڻ جي فراهمي بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري آهي. هن چيو ته هي وڏي سوڀ آهي ته ڏکين حالتن باوجود فراهمي مستحڪم آهي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت عوام کي سستي اگهن تي ضروري شيون فراهم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ هدف تي ٻڌل سبسڊي تي پڻ ڪم ڪري رهي آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته حڪومت عوام کي مهانگائي جي دٻاءُ کان بچائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان جي ترجيح آهي ته ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف ڏنو وڃي، جڏهن ته معاشي استحڪام ۽ بنيادي خدمتون پڻ برقرار رکي سگھجن.