ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندا+پ ر) مهانگائي خلاف عوامي تحريڪ احتجاجي تحريڪ تيز ڪري ڇڏي، ٺٽي، سکر، سجاول، ٽنڊو محمد خان، ڳوٺ ايوب ٻائيتار، جهڏو ۽ واهي پانڌي سميت مختلف ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا، تفصيلن موجب عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري طرفان ضلعي سجاول جو تنظيمي دورو ٽئين ڏينهن پڄاڻي تي پهتو. ڳوٺ محمد ايوب ٻائيتار سميت مختلف ڳوٺن ۾ ڳوٺاڻن سان ڪچھريون ڪيون ۽ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪيو. ڳوٺ علي محمد ٿھيم ۾ محبتي آرٽ سرڪل پاران منعقد ڪيل عوامي ڪچهري ۾ شرڪت ڪئي ۽ خطاب ڪيو. بروھي سم نالي وٽ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري جو زبردست ريلي جي صورت ۾ شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ پيٽرول مھانگو ڪرڻ خلاف عوامي تحريڪ طرفان زبردست ريلي ڪڍي جلسو پڻ ڪيو ويو. مختلف احتجاجن، ريلين، مظاھرن ۽ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي خزانچي علي محمد پرويز، عزيز ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته حڪومت پيٽرول مهانگو ڪري، عوام سان ظلم ڪيو آهي، پيٽروليم ليوي مڪمل طور ختم ڪئي وڃي، پاڪستان ۾ پيٽرول جي ڪا به کوٽ ناهي، پاڪستان تيل پيدا ڪندڙ ملڪ آھي، ملڪ ۾ پيٽرول هئڻ باوجود پيٽرول مهانگو ڪرڻ اشرافيا جي مفادن جو تحفظ آهي، ٿر ۾ ڪوئلو ۽ ٺٽي ۾ ونڊ پاور آهن، پر مقامي ماڻهن کي بجلي نٿي ملي. هنن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي حڪمرانن پيٽرول مھانگو ڪري عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرايو آھي. حڪمرانن جي شاھ خرچين جو بار عوام مٿان وڌو پيو وڃي. پيٽرول تي اضافي ٽيڪس لڳائي پيٽرول جون قيمتون وڌايون ويون آھن. پاڪستان ۾ تيل قيمتون عالمي مارڪيٽ جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ تي وڌيڪ آھن. بلاول شھباز اتحادي سرڪار ڌر اصل اشرافيه جي حڪومت آھي. حڪمران سرمائيدارن، واپارين ۽ سيٺين جا مفاد پورا ڪرڻ لاءِ عوام کي مھانگائي جي چڪي ۾ پيڙھي رھيا آھن. وفاقي سرڪار پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي وارو فيصلو فوري واپس وٺي. ھن چيو ته صدر ٽرمپ جنگي جنون سبب ڌرتي جي گولي کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي، اهڙي جنگي جنوني کي امن جو نوبل انعام ڏيڻ جو مطالبو ڪندڙ به ٽرمپ جي ڏوهه جا ساٿاري آهن. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ايران مٿان مڙھيل آمريڪي اسرائيلي سامراجي جنگ خطي کي تباھي طرف ڌڪي ڇڏيو آھي. آمريڪي سامراج سموري دنيا تي قابض ٿيڻ چاھي ٿو. آمريڪا ڪنھن به ملڪ جي خودمختياري جو احترام نه پيو ڪري. آمريڪا عالمي قانون کي پنھنجي پيرن ھيٺيان لتاڙي ڇڏيو آھي. پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي پڻ آمريڪا وٽ يرغمال آھي،هوڏانهن تيل جي قيمتن ۾ هٿرادو ڳاٽي ٽوڙ واڌ ۽ ايران مٿان آمريڪا ۽ اسرائيل جي مڙهيل جنگ خلاف عوامي تحريڪ ضلعي سکر پاران شهر جي تير چوڪ کان گهنٽا گهر تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ شمشاد ٻپڙ، اياز ڪلوڙ، فياض سومرو، اسد اعواڻ، ذوالفقار ميراڻي، سرويچ سنڌي ۽ ٻين ڪئي. واھي پانڌي ۾ عبدالڪريم لغاري، منير برهماڻي، عطا برهماڻي، مصطفي لغاري، مشرف برهماڻي، شاھ زمان برهماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. عوامي تحريڪ ٽنڊو محمد خان طرفان ايران مٿان آمريڪي ۽ اسرائيلي جارحيت ۽ دھشتگردي خلاف الفتح چوڪ کان مارچ ڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر ڄام تماچيءَ، ھرچند لال ضلعي صدر ڊاڪٽر مشتاق شورو،علي شير پرھياڙ، حفيظ باگراڻي، غلام علي لغاري، صاحب ڏنو سمون سنڌي شاگرد تحريڪ مرڪزي آرگنائيزنگ جي سيڪريٽري اياز لغاري سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ دانش ڪمار ڪري رهيا ھئا. عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي پاران آمريڪا ۽ اسرائيل جي جارحيت ۽ پاڪستان حڪومت طرفان مهانگائي سميت پئٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ خلاف مڪلي ڊي سي چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
تيل جي اگهن ۾ واڌ خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. احتجاجي مظاھري جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ضلعي صدر رزاق چانڊيو، شاهه محمد چانگ، مٺا خان لاشاري، بلاول لاشاري، گهنور خان زئور، رياض عباسي ۽ نور محمد ڪنڀار ڪئي. عوامي تحريڪ تعلقي جهڏي پاران وفاقي سرڪار طرفان تيل گيس جي قيمتن ۾ تمام وڏي واڌ ڪرڻ ۽ هٿرادو مهانگائي ڪرڻ خلاف عوامي نگر پاڙو کان مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ممتاز کوسو اياز کوسو ممتاز جوڻيجو اسماعيل پتافي شاھ عالم چانڊيو توڳاچي ڪولھي پروانو ڪپري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي.هوڏانهن عوامي تحريڪ ضلعي سکر پاران شهر جي تير چوڪ کان گهنٽا گهر تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ سرواڻ جتوئي، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ شمشاد ٻپڙ، اياز ڪلوڙ، فياض سومرو، اسد اعواڻ، ذوالفقار ميراڻي، سرويچ سنڌي ۽ ٻين ڪئي.ڌرڻي کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته پاڪستان سرڪار جنگ جو بهانو بڻائي راتو رات پيٽرول جو اگهه 463 رپيا ۽ ڊيزل 520 رپيا في ليٽر ڪري ملڪ جي عوام مٿان پيٽرول بم ڪيرايو آهي. هنن چيو ته حڪمرانن جي پنهنجي ئي عوام سان جنگ آهي، تيل جي قيمتن ۾ واڌ سبب روزمره جي استعمال جي شين سميت هر شئي مهانگي ٿي وئي آهي، جڏهن ته پورهيت، مسڪين عوام اڳ ئي مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجي رهي آهي.اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ زلزلا اچن، ٻوڏون هجن، ڪرونا هجي يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ جنگ، حڪمرانن هر آفت کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي. وفاقي سرڪار غير قانوني ليوِي ٽيڪس مڙهي، ان مان رڳو 80 رپيا گهٽ ڪري عوام تي ٿورو ڪرڻ جي پروپيگنڊا ڪري رهي آهي، جيڪو شرمناڪ عمل آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻيا وفاقي وزير عوام کي گهرن مان نه نڪرڻ ۽ پيٽرول بچائڻ جو درس ڏئي رهيا آهن پر پنهنجا شاهي خرچ ۽ پروٽوڪول تي ٿيندڙ ڪروڙين رپيا گهٽائڻ لاءِ تيار ناهن. اڳواڻن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه عوام سان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. موٽر سائيڪل وارن لاءِ ماهوار 2 هزار ۽ 25 ايڪڙن جي مالڪ آبادگارن لاءِ 15 سئو رپيا في ايڪڙ سبسڊي جو اعلان محض هڪ ڊرامو آهي ته جيئن ماڻهو احتجاج نه ڪن. هنن سوال ڪيو ته سنڌ جي لکين هارين، مزدورن، ريڙهي وارن، رڪشا ۽ چنگجي ڊرائيورن، فيڪٽري ورڪرن، ماهيگيرن، کي ڪهڙي ۽ ڪيئن سبسڊي ڏني ويندي؟ اڳواڻن سنڌ جي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو وزير اعظم شھباز شريف، وفاقي وزيرن، سنڌ جي وزير اعلي جي ڪوڙن ڏٽن ۽ آسرن تي لڳڻ بدران جدوجهد جي ميدان تي اچن، جدوجهد ذريعي ئي حڪمرانن کي عوام دشمن فيصلا واپس وٺڻ تي مجبور ڪري سگهجي ٿو. اڳواڻن چيو حڪمران سبسڊي جي نالي تي ڪرپشن جا پلان بند ڪن. تيل جون وڌايل قيمتون فوري طور واپس ورتيون وڃن.عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران مٿان جنگ مڙهي سڄي دنيا جو امن خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. آمريڪي سامراج جو جنگي جنون سڄي انسانيت لاءِ خطرو آهي، جنهن خلاف دنيا جي پرامن ماڻهن کي آواز بلند ڪرڻو پوندو.