گمبٽ (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پاران پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ڪرڻ خلاف وڪيل برادري جو قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ ٻنهي پاسن کان بند ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري سوين گاڏيون بيهجي ويون آهن.
پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ۽ هٿرادو مهانگائي خلاف وڪيلن ۽ شهرين گڏجي احتجاجي ريلي ڪڍي قومي شاهراهه تي موجود ٽول پلازا کي مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏيو.
رپورٽ موجب، احتجاج ڪندڙن ٽول پلازا تي ڌرڻو هڻي حڪومت خلاف سخت نعري بازي ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته پيٽرول جا اگهه فوري طور گهٽايا وڃن.
وڪيل اڳواڻن عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو پنهنجن گهرن مان ٻاهر نڪري گمبٽ ٽول پلازا تي پهچن ته جيئن هن ڌرڻي کي ڪامياب بڻائي حڪومت کي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻ تي مجبور ڪري سگهجي.
هنن چيو ته هيءَ هٿرادو مهانگائي غريب عوام جو معاشي قتل آهي، جنهن خلاف خاموش نٿو ويهي سگهجي.
اڳواڻن چيو ته تيل مهانگو ٿيڻ سبب مهانگائي وڌي وئي آهي، مزدور ۽ هاري طبقو سخت پريشان آهي، جنهن ڪري عوام احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيو آهي.
گمبٽ: پيٽروليم شين جي اگهن ڳاٽي ٽوڙ واڌ ۽ هٿرادو مهانگائي خلاف وڪيل ۽ شهري روڊن تي نڪري آيا، قومي شاهراهه تي ڌرڻو
You might also like