ڪراچي پريس ڪلب جي ناڪابندي ۽ رستا روڪ خلاف صحافتي تنظيمن جو سخت احتجاج

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف پاران مهانگائي ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف اعلانيل احتجاج کي روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران ڪراچي پريس ڪلب جي مڪمل ناڪابندي ڪئي وئي.ڪالهه صبح کان ئي پريس ڪلب جي چوگرد پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪري ڪنٽينر لڳايا ويا، جنهن ڪري صحافين، رپورٽرن ۽ ڪيمرامين کي پريس ڪلب پهچڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ ۾ سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. گاڏين ۽ پنڌ ايندڙن لاءِ ڪا به وٿي نه ڇڏي وئي، جنهن تي صحافين ۾ سخت ڪاوڙ پکڙجي وئي. ان موقعي تي پي ايف يو جي اڳواڻ ۽ سينيئر اينڪر مظهر عباس خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي پريس ڪلب گذريل 60 سالن ۾ بدترين آمريتون ڏٺيون آهن پر ڪنهن به آمر اهڙي طرح پريس ڪلب جا رستا بند ناهن ڪيا. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت جمهوريت جي نالي ۾ آمريت کان به بدتر رويو اختيار ڪري رهي آهي. هڪ سياسي پارٽي جي چند ڪارڪنن جي احتجاج کان ڊڄي پريس ڪلب کي سيل ڪرڻ شرم جوڳو عمل آهي. ٻئي طرف ڪي يو جي اڳواڻن طاهر حسن، لياقت ڪشميري، ذوالفقار راڄپر، ارباب چانڊيو ۽ ٻين سنڌ حڪومت جي پاليسين جي سخت مذمت ڪندي سوال ڪيو ته حڪومت واضع ڪري ته شهر ۾ حڪمراني ڪنهن جي آهي؟ جيڪڏهن حڪمران مجبور آهن ته کين عهدن تي ويهڻ جو ڪو حق ناهي. صحافتي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته پريس ڪلب جي ناڪابندي واري پاليسي فوري طور ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ پوري ملڪ ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.