ايران جا اسرائيل، ڪويت ۽ يو اي اي جي ڪيميڪل پلانٽن تي حملا

تهران/تل ابيب/بيروت (عوامي آواز رپورٽ) وچ اوڀر ۾ جاري جنگ انتهائي خطرناڪ موڙ تي پهچي وئي آهي، جتي ايران پاران اسرائيل جي انتهائي حساس ائٽمي مرڪز ڊيمونا ۽ ڪويت ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو آهي. ايراني فوج پاران اسرائيلي ائٽمي پلانٽ ويجهو پيٽرو ڪيميڪل انڊسٽريز تي ڪامياب حملن جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته آمريڪي ۽ اسرائيلي فضائيه ايران جي اعليٰ فوجي ڪمانڊر جنرل مسعود زارع کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف، نار وارن ملڪن ڪويت، يو اي اي ۽ قطر جي تيل توڙي پيٽرو ڪيميڪل تنصيبات تي ايراني ڊرونز جي برسات سبب وڏو مالي نقصان ٿيو آهي، ايراني سرزمين تي اصفهان ۽ اهواز ايئرپورٽ کي نشانو بڻايو ويو. لبنان ۾ اسرائيلي بمباري قيامت برپا ڪري ڇڏي آهي، جتي هيل تائين 1,461 شهري پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا آهن. ايران پاران کليل ڌمڪي ڏني وئي آهي ته جيڪڏهن شهري انفراسٽرڪچر تي حملا نه روڪيا ويا ته حملن جي ٻي لهر پهرين کان وڌيڪ تباهه ڪندڙ هوندي، جنهن ڪري پوري علائقي ۾ عالمي جنگ جا بادل لامارا ڏئي رهيا آهن. ايراني فوج اسرائيل جي انتهائي حساس علائقي ڊيمونا ۽ ڪويت ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ايراني سرڪاري نيوز ايجنسي ”تسنيم“ پاران جاري ڪيل فوجي بيان موجب، ايران ڏکڻ اسرائيل ۾ واقع ڊيمونا شهر جي ويجهو پيٽرو ڪيميڪل انڊسٽريز تي ڪامياب حملا ڪيا آهن. ياد رهي ته ڊيمونا اهو علائقو آهي جتي اسرائيل جو مکيه ائٽمي ري ايڪٽر ۽ ايٽمي پلانٽ واقع آهي، جنهن ڪري هن حملي کي انتهائي خطرناڪ قرار ڏنو پيو وڃي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايران رڳو اسرائيل تائين محدود ناهي رهيو، پر ڪويت جي بوبيان ٻيٽ تي موجود آمريڪي فوجي اڏن کي پڻ جديد ڊرونز ذريعي نشانو بڻايو ويو آهي. ايراني فوج موجب هي حملا آمريڪا ۽ اسرائيل جي جارحيت جو جواب آهن. مبصرن جو چوڻ آهي ته ائٽمي پلانٽ ويجهو حملن سان وچ اوڀر ۾ جنگ هڪ اهڙي موڙ تي پهچي وئي آهي جتي پوري دنيا لاءِ خطرا پيدا ٿي ويا آهن. اسرائيل ۽ آمريڪا پاران انهن حملن بابت فوري طور ڪو تفصيلي بيان سامهون ناهي آيو، پر علائقي ۾ جنگي طيارن جي اڏامن ۽ دفاعي نظام جي سرگرمين ۾ وڏو اضافو ڏٺو پيو وڃي. وچ اوڀر ۾ جاري جنگ انتهائي خطرناڪ رخ اختيار ڪري ورتو آهي، جتي آمريڪي ۽ اسرائيلي فورسز ايران جي اندر اهواز جي بين الاقوامي هوائي اڏي کي نشانو بڻايو آهي. مقامي اختيارين موجب، آمريڪي ۽ اسرائيلي جنگي طيارن گڏجي اهواز ايئرپورٽ جي انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻايو.  ٻئي طرف، ڪويت پيٽروليم ڪارپوريشن هڪ بيان جاري ڪندي اعتراف ڪيو آهي ته ايران پاران ڪيل ڊرون حملن جي نتيجي ۾ ملڪ جي تيل جي ٺڪاڻن کي ”وڏو مالي نقصان“ پهتو آهي. ڪويت جي سرڪاري اداري موجب، ڪيترن ئي مرڪزن تي ٿيل ڌماڪن ۽ باهه سبب تيل جي پيداواري صلاحيت متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. لبنان ۾ اسرائيلي فضائيا پاران ڪيل تازن حملن ۾ وڏي پيماني تي جاني نقصان ٿيو آهي. اسرائيلي جهازن جي بمباري ۾ هڪ 4 سالن جي نينگري ۽ لبنان جو هڪ فوجي اهلڪار مارجي ويا آهن. لبناني ذريعن موجب اسرائيل پاران شهري علائقن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي. خطي جي موجوده صورتحال کي ڏسندي خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته هي جنگ هاڻي پوري علائقي کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي سگهي ٿي.

قطر جي دفاع واري وزارت تصديق ڪئي آهي ته ايران پاران قطر جي سرزمين تي ٻه ڪروز ميزائل ۽ وڏي تعداد ۾ ڊرون حملا ڪيا ويا آهن. قطري اختيارين پاران جاري ڪيل پڌرنامي موجب، ايراني فورسز  ڏينهن جو قطر جي مختلف علائقن کي نشانو بڻائڻ لاءِ جديد ڪروز ميزائل ۽ ڊرون استعمال ڪيا، پر قطر جي جديد فضائي دفاعي نظام انهن سمورن حملن کي ناڪام ڪري ڇڏيو. ايران جي سرڪاري خبرون ڏيندڙ اداري ”مهر نيوز ايجنسي“ انڪشاف ڪيو آهي ته آمريڪي ۽ اسرائيلي فوج پاران ايران جي سرزمين تي ڪيل هڪ گڏيل حملي ۾ ايراني فوج جو اعليٰ ڪمانڊر برگيڊيئر جنرل مسعود زارع مارجي ويو آهي. جنرل مسعود زارع ايراني فوج جي انتهائي اهم اداري ”ايئر ڊيفينس ڪاليج“ جو ڪمانڊر هو ۽ ملڪ جي فضائي دفاعي نظام جي تربيت ۾ سندس مرڪزي ڪردار هو. رپورٽ موجب، آمريڪي ۽ اسرائيلي جنگي طيارن ايران جي اندر هڪ اهم نقطي کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ جنرل مسعود زارع جان وڃائي ويٺو. ايراني فوجي اختيارين هن واقعي کي ملڪ جي دفاع لاءِ وڏو نقصان قرار ڏنو آهي.  لبنان ۾ جاري اسرائيلي جارحيت سبب جاني نقصان جا خوفناڪ انگ اکر سامهون آيا آهن. لبنان جي صحت واري وزارت پاران جاري ڪيل رپورٽ موجب، 2 مارچ 2026 کان وٺي هيل تائين اسرائيلي فوجي حملن جي نتيجي ۾ 1461 لبناني شهري پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا آهن، جڏهن ته زخمين جو انگ 4430 تائين پهچي ويو آهي. ايران ۾ جاري جنگ دوران انساني جانيون بچائيندڙ امدادي ادارا پڻ نشانو بڻجڻ لڳا آهن. ايراني ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي پاران جاري ڪيل بيان موجب، اڄ صبح جو سوير ڪمهير واري علائقي ۾ هڪ ريسڪيو آپريشن لاءِ ويندڙ ايمبولينس تي هوائي حملو ڪيو ويو. ابوظبي جي مشهور ”بروج“پيٽرو ڪيميڪل پلانٽ تي ٿيل حملي کانپوءِ ابوظبي ميڊيا آفيس پاران تازي صورتحال بابت پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي. پڌرنامي موجب، گڏيل عرب امارات جي فضائي دفاعي نظام دشمن جي حملي کي ناڪام بڻائيندي ڊرونز کي فضا ۾ ئي تباهه ڪري ڇڏيو، پر انهن جو ملبو پلانٽ جي حدن ۾ ڪرڻ سبب ٽن مختلف هنڌن تي باهه لڳي وئي. ايران جي پاسدارانِ انقلاب بحرين ۽ ڪويت جي پيٽرو ڪيميڪل پلانٽس تي ٿيل ڊرون ۽ ميزائل حملن جي باقاعده ذميواري قبول ڪري ورتي آهي. ايراني ميڊيا پاران جاري ڪيل بيان موجب، پاسدارانِ انقلاب چيو آهي ته بحرين ۽ ڪويت ۾ توانائي جي تنصيبات کي نشانو بڻائڻ اصل ۾ تهران جي اولهه ۾ واقع شهر ”ڪرج“ جي هڪ اهم پل ۽ پيٽرو ڪيميڪل انڊسٽريز تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جو جوابي بدلو آهي. ايراني فوجي اختيارين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران جي اندر شهري ۽ سول انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻائڻ جو سلسلو جاري رکيو ويو، ته پوءِ حملن جي ٻي لهر پهرين کان به وڌيڪ سخت، طاقتور ۽ وڏي پيماني تي هوندي. گڏيل عرب امارات جي دفاع واري وزارت ايران پاران ڪيل هڪ وڏي فضائي حملي کي ناڪام بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. وزارت پاران جاري ڪيل سرڪاري بيان موجب، يو اي اي جي فضائي دفاعي فورسز ايران جي طرف کان ايندڙ 9 بلسٽڪ ميزائلن، هڪ ڪروز ميزائل ۽ 50 ڊرونز کي ڪاميابيءَ سان فضا ۾ ئي روڪي تباهه ڪري ڇڏيو. خوش قسمتيءَ سان گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٿيل انهن حملن ۾ ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع ناهي ملي. اسرائيلي فوج ايران پاران ڪيل تازي ميزائل حملي جي نتيجي ۾ ملڪ جي ڏاکڻي حصي ۾ هڪ وڏي صنعتي مرڪز تي ميزائل ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي. اسرائيلي فوجي ترجمان موجب، ڏکڻ اسرائيل جي هڪ مقام تي ميزائل سڌو سنئون لڳو آهي، جنهن کانپوءِ ريگولر ۽ ريزرو فورسز تي مشتمل ريسڪيو ٽيمون فوري طور تي متاثر علائقي ڏانهن روانيون ڪيون ويون آهن. ايران جي نيم سرڪاري خبرون ڏيندڙ اداري ”فارس نيوز“ ايراني فوج جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته اصفهان صوبي ۾ آمريڪي ۽ اسرائيلي فضائي اثاثن کي سخت نقصان پهچايو ويو آهي. ايراني فوج موجب، هنن ٻه جديد آمريڪي ايم ڪيو-9 (MQ-9) ريپر ڊرونز ۽ ڪيترائي اسرائيلي هرميس 900 ڊرونز کي نشانو بڻائي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.