بوئنگ جي تيار ڪيل ڊوائيس پائليٽ جي زندگي بچائڻ ۾ مددگار ثابت

واشنگٽن (عوامي آواز رپورٽ) ايران ۾ تباهه ٿيل آمريڪي ايف-15 اي جنگي طياري جي عملي جي ميمبرن جي حفاظت سان نڪرڻ ۾ جديد ترين آمريڪي ٽيڪنالاجي جو مرڪزي ڪردار سامهون آيو آهي. شروعاتي طور تي اهو تاثر هو ته پائلٽس ايران جي جبلن ۾ مڪمل طور ڪٽجي ويا آهن، پر حقيقت ۾ اهي بوئنگ جي تيار ڪيل هڪ ننڍڙي پر انتهائي مضبوط ڊيوائس ’سي ايس اي ايل‘ (CSEL) ذريعي پنهنجي ريسڪيو نيٽورڪ سان مسلسل جڙيل هئا. فني ماهرن موجب، هي ڊيوائس پائلٽ جي جيڪٽ سان ڳنڍيل هوندي آهي ۽ طياري مان نڪرڻ جي لمحي ئي خودڪار طريقي سان ڪم شروع ڪري ڏيندي آهي. هن نظام جي سڀ کان وڏي خاصيت اها آهي ته هي روايتي ريڊيو لهرن بدران انتهائي مختصر ۽ ڳجها سگنلز موڪليندو آهي. ’فريڪوئنسي هوپنگ‘ ٽيڪنالاجي جي استعمال سبب دشمن جو ريڊار يا دفاعي نظام انهن سگنلز کي ٽريڪ ناهي ڪري سگهندو، ڇاڪاڻ ته اهي سگنلز دشمن جي نظام لاءِ محض هڪ پسمنظر جي معمولي گوڙ جهڙا محسوس ٿيندا آهن. هي ڊيوائس بغير ڪنهن آواز يا پڌري سگنل جي پائلٽ جي لوڪيشن، سندس زخمي هجڻ جي صورتحال ۽ دشمن جي حرڪت بابت معلومات سڌو سنئون فوجي سيٽلائيٽس کي موڪليندي رهي. جڏهن ريسڪيو هيلي ڪاپٽر پائلٽ جي ويجهو پهتا ته ساڳي ڊيوائس پنهنجو موڊ تبديل ڪري درست جڳهه تائين رهنمائي فراهم ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو ايراني فوج جي وڏي سرچ آپريشن باوجود آمريڪي پائلٽس پنهنجي پوزيشن ظاهر ٿيڻ کان بچائي ورتي ۽ ڊجيٽل نيٽورڪ جي مدد سان باحفاظت نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.

يو اي اي، ايران خلاف جنگ ۾ شامل ٿي ويو آهي: ايراني ميڊيا

تهران (م ڊ) ايران جي سرڪاري ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته يو اي اي ايران خلاف جاري جنگ ۾ عملي طور تي شريڪ ٿي ويو آهي. ايراني سرڪاري خابرو اداري سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل هڪ پوسٽ ۾ چيو آهي ته کين اهڙا ٻه اهم دستاويزي ثبوت مليا آهن جيڪي ثابت ڪن ٿا ته يو اي اي ايران خلاف فوجي ڪاررواين ۾ حصو وٺي رهيو آهي. ايراني ميڊيا جي رپورٽ موجب، پهرين اپريل تي هڪ چيني بناوٽ جو ’ونگ لونگ-2‘ڊرون تباهه ٿيو هو، جيڪو خطي ۾ صرف سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن جي فوجي استعمال ۾ آهي. ان کان سواءِ، 22 مارچ تي ايران جي اسٽريٽجڪ اهميت رکندڙ جزيري ’جاسڪ‘ جي مٿان اماراتي ’ميراج 2000‘ جنگي طياري جي اڏام کي به جنگ ۾ يو اي اي جي سڌي شموليت جو ثبوت قرار ڏنو ويو آهي. جيتوڻيڪ عالمي ۽ آزاد ميڊيا ذريعن پاران اڃا تائين انهن خبرن جي تصديق ناهي ڪئي وئي، پر هن رپورٽ تي عرب امارات جي حڪومت پاران به ڪو تڪڙو ردعمل ظاهر نه ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ايران هن وقت اسرائيل سميت انهن خليجي ۽ عرب ملڪن کي نشانو بڻائي رهيو آهي جتي آمريڪي فوجي اڏا موجود آهن. يو اي اي بابت هي تازي دعويٰ خطي ۾ ڇڪتاڻ کي وڌيڪ تيز ڪري سگهي ٿي.

ڪجهه ڪريو،نه ته ٽرمپ خطي کي باهه ۾ ڌڪي ڇڏيندو:محمد البرادعي

نيويارڪ/واشنگٽن(عوامي آواز نيوز) آمريڪي صدر ٽرمپ پاران ايران کي ڏنل 48 ڪلاڪنجي ڊيڊ لائين تي عالمي سطح تي سخت ردعمل سامهون آيو آهي، خاص طور تي عالمي ايٽمي توانائي ايجنسي جي اڳوڻي سربراهه محمد البرادعي  هن بيان تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي۔پنهنجي ردعمل ۾ نار جي  ملڪن جي حڪومتن کي اپيل ڪئي ته هو فوري طور فعال ڪردار ادا ڪن ۽ علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدم کڻن۔ هن چيو ته موجوده صورتحال انتهائي خطري وارو رخ اختيار ڪري سگهي ٿي۔هن وڌيڪ چيو ته عالمي برادري، خاص طور تي گڏيل قومن، سلامتي ڪائونسل، يورپي ڪائونسل،فرانس،چين ۽ روس کي فوري طور مداخلت ڪرڻ گهرجي ته جيئن علائقي کي وڌيڪ تباهي کان بچائي سگهجي۔پنهنجي بيان ۾ سخت لفظ استعمال ڪندي چيو ته ڇا عالمي طاقتون هن صورتحال کي روڪڻ لاءِ ڪو قدم نٿيون کڻي سگهن، ان کان اڳ جو حالتون وڌيڪ خراب ٿي وڃن۔واضح رهي ته صدر ٽرمپ تازو بيان ۾ ايران کي خبردار ڪيو آهي ته هو 48 ڪلاڪن اندر يا ته ڪنهن معاهدي تي راضي ٿي وڃي يا آبناءِ هرمز کي کولي، ٻي صورت ۾ کيس سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا۔ماهرن موجب اهڙن بيانن سان علائقي ۾ اڳ ئي موجود ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي سگهي ٿي، جنهن جا اثر عالمي معيشت ۽ توانائي جي فراهمي تي پڻ پئجي سگهن ٿا۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.